23 آچر , سيپٽمبر 2018

رپورٽ | کوسڪي : ڪيٽل فارم غيرفعال، مائي جو اگهه به گهٽ، مالوند پريشانين جو شڪار

ٿرپارڪر سان تعلق رکندڙ مالوند ماروئڙن جو گذر سفر چوپائي مال تي آهي، چوپائي مال جي واڌ ويجهه لاءِ ٺاهيل ڪيٽل فارم غير فعال هجڻ ڪري مالوند ماڻهو ڪيترين ئي پريشانين جو شڪار آهن.

کوسڪي ۽ ڀرپاسي ۾اڪثر مالوند ماڻهو کير ۽ ان مان مائو تيار ڪيل مائو کپائي ٻارڙن جو پيٽ گذر ڪن ٿا.

کوسڪي ٽائون ڪاميٽيءَ  ڀرسان قائم مائي واري بٺيءَ تي راوزانو 20 مڻ کير ڪاڙهيو ويندو آهي جنهن مان اٽڪل 160 ڪلو مائو تيار ڪيو وڃي ٿو.

کير کي وڏن ڊرمن ۾گڏ ڪري تيز باهه تي ڪڙاهيءَ ۾ ڪاڙهي مائي کي وڏي ميز تي لاهي اٺ کان نو ڪلاڪ مائي کي ٿڌو ڪري ٿيلهين ۾پيڪ ڪن ٿا.

مالوند ماڻهو مائو تيار ڪري ڪراچيءَ سميت سنڌ جي مختلف شهرن ڏانهن سپلاءِ ڪن ٿا، ڍڳين جي هڪ مڻ کير مان ساڍا ست ڪلو کان 8 ڪلو مائو ٺهي ٿو.

عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي کير واري بٺيءَ جي پورهيتن رشيد نهڙيي، فيض محمد نهڙي ۽ نظام الدين نهڙيي ۽ ٻين چيو ته ٿر ۾ ڏُڪار کانپوءِ چوپائي مال جو چارو ملڻ ڏکيو ٿي ويو آهي جڏهن ته ڪيٽل فارم غير فعال هجڻ ڪري هو سخت پريشانين جو شڪار آهن….ايس بي ٽي….

مالوندن جو چوڻ آهي ته هو گُذر سفر ڪرڻ جي لاءِ ڍڳين جي کير مان مائو ٺاهي پيٽ گُذر ڪن ٿا، هو سڄو ڏينهن محنت ڪري مائو ٺاهين ٿا جنهن جي کين مناسب اجرت نٿي ملي.

پورهيتن مطالبو ڪيو ته ڪيٽل فارم بحال ڪري ائي جو اگهه وڌائڻ سميت سندن سمورا مسئلا حل ڪيا وڃن.

غلام رسول کوسو عوامي آواز ٽي وي کوسڪي

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے