26 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |حيدرآباد: پوليس جي ڪارروائي، قتل ڪيس ۾ شامل زال مڙس گرفتار

حيدرآباد ۾ پِڃاري واهه مان هٿ آيل مقتول عورت جي قتل ۾ پوليس ملوث زال ۽ مڙس کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس مقتول عورت حنا جي قتل ۾ ملوث منصب لوڌي ۽ سندس گهرواري رخسانا کي گرفتار ڪيو آهي.

پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ايس پي حيدرآباد پير محمد شاهه چيو ته پوليس مقتول ناري حنا جي قتل ۾ ملوث جوابدار جوڙي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

هن چيو ته مقتول عورت حنا کي ڏاڍائي جي ڪوشش دوران مزاحمت تي قتل ڪيو ويو.

سندس چوڻ هو ته قتل ۾ ملوث منصب لوڌي ۽ سندس زال رخسانا  حنا جي لاش جا 8 ٽڪرا ڪري پِڃاري واهه ۾ اڇلايا.

ايس ايس پي چيو ته لاش جي سڃاڻپ مقتول عورت جي مائٽن ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Jhol

نيوز | جهول: سوئي سدرن گئس ٽيم پاران مختلف علائقن ۾ ڇاپا، غير قانوني گئس ڪنيڪشن ڪاٽا

جهول ۾ سوئي سدرن گئس ٽيم پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي غير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے