21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نگران وزير اعظم جي نالن جو اعلان اڱاري جي ڏينهن ڪيو ويندو: خورشيد شاهه

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته نگران وزير اعظم جي لاءِ ڪيترائي نالا غور هيٺ آهن پر اڃان ڪنهن به نالي کي حتمي شڪل ناهي ڏني. وزير اعظم سان اڱاري جي ڏينهن ٻيهر ملاقات ٿيندي جنهن ۾ نگران وزير جي نالي تي ڳالهيون ٿينديون. وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته وزير اعظم کي او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ استنبول وڃڻو آهي جنهن سبب مختصر ڳالهه ٻولهه ٿي. نگران وزير اعظم جي لاءِ ڪيترائي نالا غور هيٺ آهن پر اڃان تائين ڪنهن به نالي کي حتمي شڪل ناهي ڏني وئي. خورشيد شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته وزير اعظم آچر تي ملاقات جي تجويز ڏني پر مون چيو ته آچر نه اڱاري تي ملاقات رکي ڇڏيو، هاڻ اڱاري تي ملاقات ۾ نگران وزير اعظم جي نالن تي ڳالهيون ڪيون وينديون ۽ ممڪن آهي ته آئون ۽ وزير اعظم گڏجي نگران وزير اعظم جي نالي جو اعلان ڪيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے