17 جمعو , آگسٽ 2018

نيوز |ٿرڙي محبت : خانگي اسڪول ۾سالياني تقريب، شاگردن ۾ انعام ورهايا ويا

* ٿرڙي محبت جي خانگي اسڪول سالياني تقريب ڪوٺائي پوزيشن کڻندڙ شاگردن کي انعام ڏنا ويا.

خانگي اسڪول ۾والدين جو ڏهاڙو ۽ سالياني ايوارڊ تقريب جو رنگا رنگ پروگرام ڪرايو ويو.

تقريب ۾گسٽا اڳواڻن استادن، شاگردن، سول سوسائٽي جي ماڻهن ۽ وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي.

پروگرام جي شروعات ۾اسڪول جي معصوم ٻارڙن آيل مهمانن کي سنڌي اجرڪ جا تحفا ۽ گلدستا پيش ڪيا.

رنگن سان سجايل تقريب ۾ٻارڙن سنڌي گيتن تي رقص ڪري ٽيبلوز پيش ڪيا.

پروگرام دوران امتحان ۾ نمايان پوزيشن ماڻيندڙ مختلف ڪلاسن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ انعام ۽ ٽرافيون پڻ ورهايون ويون.

ان موقعي تي ڳالهائيندي خاص مهمان آزاد انور ڪانڌڙو، ڊاڪٽر آزاد منگي، شبير منگي، ضمير ڳورڙ، اياز سميجو ۽ ٻين چيو ته اسڪول جي ٻارڙن ۾ تعليمي شعور سان گڏ غير نصابي سرگرمين کي اجاگر ڪرڻ سان سندن ذهني اوسر بهتر انداز ۾ ٿئي ٿي.

هنن چيو ته تعليمي ميدان ۾ اسٽوڊٽس ماڊل اسڪول جون سرگرميون ساراهه جوڳيون آهن.

سندن چوڻ هو ته اميد ڪري سگهجي ٿي ته هن اسڪول جا ٻارڙا اڳتي هلي مستقبل ۾ سٺا ۽ باصلاحيت ذهن بڻبا ۽ اعلي منصب ماڻي سنڌ جي اٻوجهه ماروئڙن جي دردن جو درمان ضرور ڪندا…

هي به ڏسي سگهو ٿا

halani: Anti-Hezbollah protest against police against the heirs of the youth

نيوز: هالاڻي: وارثن پاران نوجوان کي گرفتار ڪرڻ تي مراحبپور پوليس خلاف احتجاج

 هالاڻي ۾ وارثن پاران نوجوان کي گرفتار ڪرڻ تي مراحبپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے