24 خميس , مئي 2018

نيوز |سن : برهماڻي اتحاد جي اڳواڻن تي قتل ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج

برهماڻي اتحاد جي اڳواڻ صالح محمد برهماڻي بابو خان برهماڻي ۽ ٻين تي قتل ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو .

سن ، قبي ، لاکا، مانجهند ، علي آباد خاڻوٺ ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ احتجاج ڪيو ويو .

ان موقعي تي غلام شبير برهماڻي، نياز گل برهماڻي ، جڙيل برهماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو .

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته صالح محمد برهماڻي بابو خان برهماڻي ۽ ٻين تي قتل جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي .

هنن چيو ته  بااثر علائقي ۾ برادري تڪرارن جو ٻج پوکي رهيا آهن .

ھنن چتاءُ ڏيندي چيو ته  سردار صالح برهماڻي ، بابو برهماڻي ۽ ٻين جي مٿان داخل ڪيل قتل جي ڪيس جي صاف شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ ملوث ماڻھن جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Hyderabad: Soho Qazi Ahmed, siege violence against students of violence in violence

نيوز: حيدرآباد: ايس ايڇ او قاضي احمد جي تشدد ۾مارجي ويل شاگردن سان انصاف لاءِاحتجاج

* ايس ايڇ او قاضي احمد جي تشدد ۾مارجي ويل شاگردن سان انصاف لاءِ حيدرآباد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے