17 جمعو , آگسٽ 2018

نواز شريف جي معاملي تي چيئرمين نيب جي طلبي تي اسان مٿان ڪو به دٻاءُ ناهي: چوڌري اشرف

On the matter of Nawaz Sharif, there is no pressure on us on the chairmanship of Nawaz Sharif: Chaudhry Ashrafاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت قائمه ڪميٽي جي چيئرمين چوڌري اشرف چيو آهي ته نواز شريف جي معاملي تي چيئرمين نيب جي طلبي تي اسان تي ڪو به دٻاءُ ناهي. چوڌري محمد اشرف چيو ته نواز شريف جي حوالي ساب پريس ريليز ڪرڻ تي چيئرمين نيب جسٽس (ر) جاويد اقبال کي 22 مئي تي گهرايو آهي، ان حوالي سان اسٽيٽ بينڪ جي گورنر يا نمائندي کي پڻ ريڪارڊ کڻي اچڻ جو چيو آهي، ميان صاحب بنا ڪنهن ثبوت جي الزام لڳايا ويا جنهن جي اسٽيٽ بينڪ ۽ عالمي بينڪ پڻ ترديد ڪئي آهي. هن چيو ته نيب قانون جي شق پنج تحٽ جوابدار اهو آهي جنهن جي خلاف قانوني شاهديون جمع هجن، قانوني ثبوت قائم هجڻ کان اڳ ڪو به جوابدار ناهي هوندو.انڪري ان معاملي ۾ نيب ايڪٽ جي پڻ خلاف ورزي ڪئي وئي آهي.قانون ۽ انصاف بابت قائمه ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته نواز شريف جي معاملي تي چيئرمين نيب جي طلبي تي اسان مٿان ڪو به دٻاءُ ناهي، پارليامنٽ ڪميٽي حوالي هڪ ڪم ڪيو آهي، آرٽيڪل 4 ۽ 114 جي تحت هر شهري جي وقار کي رياست کي برقرار رکڻو آهي رياستي ذميواريون ادارن جي ذريعي ادا ڪيون وينديون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مار ڪٽ ڪري ترقيون ڏيندڙ پوليس آفيسر سڀاڻي عدالت ۾ پيش ٿين: چيف جسٽس

لاهور(ويب ڊيسڪ) پوليس آفيسرن طرفان پنهنجي آفيس ۾ عدالت لڳائي واپار جي ورڇ جي حوالي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے