24 خميس , مئي 2018

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو خانگي اسڪولن کي اونهاري جي موڪلن دوران فيس نه وٺڻ جو حڪم

The private hospitals of the Islamabad High Court should not pay fees during the weekend leaveاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام هاءِ ڪورٽ خانگي اسڪولن کي گرمين جي موڪلن جي فيس نه وٺڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ جيڪي والدين پنهنجي ٻارن کي گرمين جي موڪلين جي فيس اڳواٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، انهن جي فيس موڪلن بعد ايڊجسٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.تفصيل موجب اسلام آباد جي پرائيويٽ اسڪولن جي فيسن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ڪيس جي ٻڌڻي دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سنگل بئنچ جسٽس شوڪت عزيز صديقي ڪئي. جسٽس شوڪت عزيز صديقي سوال ڪيو ته پيرا ان سلسلي ۾ ڇا ڪري رهي آهي، جنهن تي راشد حنيف ايڊووڪيٽ ٻڌايو ته پيرا جي اختيار سنگل رڪني بئنچ ختم ڪري ڇڏيا آهن، جنهن جي اپيل ٻڌڻي هيٺ آهي. راشد حنيف ايڊووڪيٽ چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ، لاهور هاءِ ڪورٽ، پشاور هاءِ ڪورٽ ۽ اڳ ۾ گرمين جي موڪلن بابت حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. جنهن بعد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسلام آباد جي خانگي اسڪولن جي گرمين جي موڪلن دوران فيس نه ڏيڻ جو حڪم ڏنو  ۽ اهو به حڪم ڏنو ته جن والدين پنهنجي ٻارن جي گرمين جي موڪلن جي فيس اڳواٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي انهن جي فيس کي موڪلن بعد ايڊجسٽ ڪيو وڃي. جنهن بعد عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 20 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Impact of Civil Militant Dispute: Immediately describing Maryam Nawaz's statement

سول ملٽري تڪرار جو اثر جي آءِ ٽي تي پيو: مريم نواز جو بيان قلمبند

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ  ) مسلم ليگ اڳواڻ مريم نواز ايون فيلڊ ريفرنس ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے