24 خميس , مئي 2018

نيوز |تلھار: شھرين پاران واٽر سپلاءِ جو پاڻي گھرن ۾ نه پھچڻ خلاف احتجاج

تلھار ۾  شھرين واٽر سپلاءِ جو پاڻي گھرن ۾ نه پھچڻ خلاف  احتجاج ڪيو .

وارڊ نمبر هڪ جي رهواسين زوار رسول بخش جتوئي ، مصطفي’ گاڏاھي ، گلزار انصاري  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

اڳواڻن چيو ته گذريل ڏھن ڏينھن کان سندن  وارڊ ۾ پاڻي ناھي آيو جنھن سبب رهواسي  سخت تڪليف کي منھن ڏيئي رھيا آھن.

هنن چيو ته  رمضان شريف جو بابرڪت مھينو شروع ٿيڻ جي باوجود به ٽائون انتظاميه پاڻي فراهم نه ڪيو .

ھنن الزام ھنيو  ته شھر ۾ ٽائون عملي جي ملي ڀڳت سان شھر ۾ موجود برف جي ڪارخانن کي رشوت عيوض پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي پر شهرين کي نٿو ڏنو وڃي .

هنن مطالبو ڪيو ته کين ترت پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Hyderabad: Soho Qazi Ahmed, siege violence against students of violence in violence

نيوز: حيدرآباد: ايس ايڇ او قاضي احمد جي تشدد ۾مارجي ويل شاگردن سان انصاف لاءِاحتجاج

* ايس ايڇ او قاضي احمد جي تشدد ۾مارجي ويل شاگردن سان انصاف لاءِ حيدرآباد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے