18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

رمضان ۾ روزو رکڻ سان توهان جي جسم تي ڪهڙا اثر پون ٿا؟

How does Ramadan affect your body?ڪراچي(ويب ڊيسڪ)هر سال ڪروڙين جي انگ ۾ مسلمان سحري کان ويندي سج لهڻ تائين روزو رکندا آهن.ويجهڙائي وارن سالن ۾ دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ رمضان المبارڪ جو مهينو اونهاري جي موسم ۾ ايندو آهي.هن موسم ۾ دنيا جي ڪيترن ئي علائقن ۾ گرميءَ ٿيندي آهي ۽ ڏينهن تمام وڏا ٿيندا آهن.ناروي جهڙن اترين ملڪن ۾ روزو 20 ڪلاڪن کان به وڌيڪ ڊيگهو ٿي ويندو آهي. ته پوءِ ڇا اهو صحت جي لاءِ فائديمند ۽ جيڪڏهن لاڳيتو 30 ڏينهن تائين توهان ائين ڪندا رهيو ته توهان جي جسم تي ان جا ڪهڙا اثر پئجي سگهن ٿا؟

سڀ کان مشڪل وقت، پهريان ٻه ڏينهن

ٽڪنيڪي طور تي توهان جو جسم روزو شروع ٿيڻ جي اٺ ڪلاڪن جي دائري اندر معمول جي حالت ۾ رهندو آهي، هي اهو وقت آهي جڏهن معدي ۾پيل خوراڪ مڪمل طور تي هضم ٿي ويندي آهي. ان بعد جسم، جيري، پٺن ۾ ذخيرو ٿيل گلوڪوز جي ذريعي استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي. جڏهن اهو ذخيرو به ختم ٿي ويندو آهي ته پوءِ جسم تي چرٻي کي ڳاري توانائي جي لاءِ استعمال ڪندو آهي. جسم ۾ ذخيرو ٿيل چرٻي کي خوراڪ طور استعمال ڪرڻ سان وزن گهٽجڻ شروع ٿي ويندو آهي. ڪوليسٽرول جي مقدار ۾ گهٽتائي ٿيندي آهي ۽ شُگر جو خطرو پڻ گهٽجي ويندو آهي. پر ان سان گڏوگڏ جسم ۾ شوگر گهٽ ٿيڻ سان ڪمزور ۽ ٿڪاوٽ جو احساس شروع ٿي ويندو آهي، ان کانسواءِ مٿي جو سور، چڪر اچڻ، ساهه ۾ بدبو اچڻ جهڙين شڪايتن پڻ ٿي سگهن ٿيون. هي اهو ئي وقت آهي جڏهن بک جي شدت ۾ اضافو ٿي ويندو آهي.

ٽئين کان ستين ڏينهن تائين- پاڻي جي کوٽ

جڏهن جسم روزو جو عادي ٿي ويندو آهي تڏهن چرٻي کي ڳاري ان مان گلوڪوز ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي ان لاءِ افطاري وقت پاڻي وڌيڪ مقدر ۾ واپرائڻ گهرجي. ڇو ته روزي جي حالت ۾ پگهر اچڻ سان جسم ۾ پاڻي جي کوٽ يعني” ڊي  هائيڊريشن“ پيدا ٿي سگهي ٿي. ان دوران توهان جي کاڌي ۾”توانائي واري خوراڪ“ شامل ٿيڻ گهرجي. جيئن نشاسته سان ڀرپور خوراڪ ۽ چرٻي. اهو ضروري آهي ته خوراڪ متوازن رهي ۾ لحميات، لوڻ ۽ پاڻي شامل رهي.

8 کان 15 ڏينهن تائين-عادت بڻجي ويندي آهي.

 ٽيئن مرحلي ۾ جسم روزي جو عادي بڻجڻ ڪري موڊ بهتر ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي.ڊاڪٽرن رزين مشهور ڪيمبرج ۾ اينيسٿيزيا ۽ انٽينسيو ڪيئر ميڊيسن جي شعبي سان سالهاڙيل آهي. ان بابت سندس خيال آهي ته ان سان ٻيا به فائدا هي به آهن ته عام زندگي ۾ اسان روزانو ضرورت کان وڌيڪ ڪيلوريز استعمال ڪندا آهيون، جنهن سان جسم جا ٻيا ضروري ڪم مثال طور پنهنجي جوڙ جڪ جي لاءِ مناسب وقت ناهي ملي سگهندو. روزي رکڻ سان اهو مسئلو حل ٿي ويندو آهي. ۽ جسم پنهنجو ڌيان ٻئين فعالن طرف ڏئي ڇڏيندو آهي.ان لاءِ روزو جسم کي مندمل ٿيڻ ۽ جراثيم سان مقابلو ڪرڻ جي ۾ پڻ مدد فراهم ڪندو آهي.

 16 کان 30 ڏينهن-زهر رفع

 رمضان جي آخري ڏهاڙن ۾ جسم فاقه ڪشي واري عمل سان مڪمل طور تي هم آهنگ ٿي ويندو آهي.وڏي آنڊي، جيرو، گڙدا ۽ جلد ان دوران زهر رافع ڪرڻ جي عملdetoxification  مان گذرڻ شروع ٿي ويندو آهي. ان بابت ڊاڪٽر معرروف جو چوڻ هو ته ان دوران عضون جو فعل ڀرپور قوت سان هلڻ لڳندو آهي، ۽ توهان جي يادداشت ۽ ارتڪاز جي قوت ۾  بهتر ٿي ويندو آهي ۽ توهان ۾ اندازي کان وڌيڪ توانائي اچي ويندي آهي. جيڪڏهن فاقه ڪشي ڪافي ڏينهن تائين مسلسل جاري رهي ته جسم پٺن کي ڳارڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي، پر رمضان ۾ ائين ناهي ٿيندو ڇو جو روزو هڪ ڏينهن ۾ ئي ختم ٿي ويندو آهي. ته پوءِ ڇا روزو صحت جي لاءِ فائديمند آهي؟ ان بابت ڊاڪٽر معروف چوي ٿو ته جي بلڪل، پر هڪ شرط سان گڏ روزو صحت جي لاءِ سٺو جي لاءِ فائديمند ڇو آهي  ته ان سان اسان کي ان ڳالهه تي غور ويچار ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي ته اسان کي ڇا کائڻو آهي ۽ ڪهڙي وقت کائڻو آهي، جڏهن اهڙو مشورو نٿا ڏئي سگهون ته هڪ مهيني کان وڌيڪ وقت تائين روزا رکيا وڃن. هن چيو ته مسلسل ررزو وزن گهٽائڻ لاءِ بهترين عمل ناهي، ڇو ته آخرڪار توهان جو جسم چرٻي توانائي ۾ وجهڻ بجائي پٺن جي طرف ڌيان هليو ويندو آهي. هي صحت جي لاءِ سٺي ڳالهه ناهي، ۽ ان جو مطلب آهي ته توهان جو جسم فاقه ڪشي جي حالت ۾ هليو وييندو آهي.  هن چيو ته رمضان جي روزو جيڪڏهن صيحيح طريقي سان رکيو وڃي ته هر روز جسم جي توانائي بحال ٿيندي آهي جنهن سان توهان مضبوط پٺا ڳارڻ کانسواءِ وزن پڻ گهٽ ڪري سگهو ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The hottest sleeping habit causes death before time: research

تمام گهڻي ننڊ ڪرڻ واري عادت وقت کان اڳ موت جو سبب بڻجي ٿي: تحقيق

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) جيڪي ماڻهو روزاني 9 کان 10 ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ جا عادي هوندا آهن، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے