21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ڪرنل شهيد سهيل عابد جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

Colonel Shaheed Sadiq was born in Jinnah prayerوهاڙي(ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ پابندي مڙهيل تنظيم لشڪر جهنگوي جي خلاف ڪاروائي جي دوران صوبي ۾ تنظيم جي سربراهه مارجي ويو جڏهن ته آپريشن دوران ملٽري انٽيليجنس جو ڪرنل سهيل عابد شهيد ٿي ويو ۽ چار اهلڪار زخمي ٿي پيا. وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ڪرنل سهيل عابد جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو ، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه آرمي قبرستان ۾ جنازي نماز جي موقعي ته ڪرنل سهيل عابد جي پٽ سان ملاقات ڪئي ۽ کيس پنهنجي ڇاتي لاتو. ان موقعي ته شهيد ڪرنل سهيل عابدي جو مڙهه سندس اباڻي ڳوٺ 91 ڊبيلو بي وهاڙي آندو ويو جنهن بعد ماحول سڳوار ٿي ويو، جڏهن ته شهيد جي امڙ پٽ جي مڙهه جو استقبال ڪيو ماحول پاڪستان زنده آباد جي نعرن سان گونجي اٿيو. هن پٽ جي مڙهه کي سلام ڪيو ۽ تابوت کي چميون ڏنيون جنهن تي هر اک آلي ٿي وئي، ان منظر جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي ۽ هر پاڪستاني عظيم سپوت سان گڏوگڏ سندس امڙ کي خراج تحسين پيش ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي خط تي ڀارت جي جواب جا منتظر آهيون: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے