25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز |ٺٽو: سڱاوتي تڪرار تان پ پ عورت ڪارڪن کي قتل ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو

ٺٽي شهر جي ڀٽواڻو محلي ۾ سڱاوتي تڪرار تان پ پ عورت ڪارڪن رخسانه مڱڻهار کي بيدردي سان قتل ڪندڙن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجڪاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

شاھجھان عارفاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٺٽو ايڌي سينٽر سامھون قومي شاھراھ تي ڌرڻو ھڻي ٽائرن کي باھيون ڏنيون ويون.

ان موقعي تي اڳواڻڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ ٺٽو ٿاڻي تي چئن جوابدارن خلاف ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نھ ڪري سگهي آهي.

هنن آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجھ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ   قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي،   ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

NaoDero

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے