26 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |باڊھ: لوڊشيڊنگ خلاف نوجوان اتحاد پاران درگاهه شريف کان حيدر چوڪ تائين ريلي

باڊھ ۾ لوڊشيڊنگ خلاف نوجوان اتحاد پاران درگاهه شريف کان حيدر چوڪ تائين  ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو .

نوجوان اتحاد جي ڪارڪنن ۽ شهرين منور نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو .

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڳواڻن  چيو ته  سيپڪو سب ڊويزن نصيرآباد ايٽ باڊھ  جا عملدار باڊھ شھر ۽ آسپاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن جي هٿرادو طور تي بجلي بند ڪري ڇڏين ٿا.

هنن چيو ته لوڊ شيدنگ سبب ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي ۽ شهر ۾ پاڻي جي بحران ڪر کنيو آهي .

هنن چيو ته لوڊ شيڊنگ ۾ هڪ طرف ماڻهو گرميءِ ۾ تڙپي رهيا آهن ته ٻئي طرف زندگي جو وهنوار سخت متاثر ٿيو آهي

هنن وفاقي سرڪار کان مطالبو ڪيو ته رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ لوڊشيڊنگ جو خاتمو آڻي شهرين کي سک جو ساهه کڻڻ ڏنو وڃي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

Jhol

نيوز | جهول: سوئي سدرن گئس ٽيم پاران مختلف علائقن ۾ ڇاپا، غير قانوني گئس ڪنيڪشن ڪاٽا

جهول ۾ سوئي سدرن گئس ٽيم پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي غير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے