22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

محمد عامر جي انجري: متبادل بالر جي نالو تي غور شروع

Mohammad's Engine: Starting Alternative Baller's Nameلاهور(اسپورٽس نيوز) محمد عامر جي فٽنس تي ڳڻتي سبب متبادل بولر جي نالي تي غور شروع ڪري ڇڏيو .محمد عامر ڊبلن ٽيسٽ ۾ فٽنس مسئلن شڪار ٿي ويو هو ۽ ميدان کان ٻاهر هليو ويو هو ۽ پر ٻئي ڏينهن ته هو ايڪشن ۾ نظر آيو هو پر فليڊ دوران ٿورو ٿيڙ کائيندي پڻ نظر آيو هو . ٽيم مينجمنٽ اهم بالر جي حوالي سان ڪو به خطرو کڻڻ لاءِ تيار ناهي، جيڪڏهن مسئلو وڌڻ جو خدشو پيدا ٿيو ته کيس ۾ ميدان ۾ نه لاٿو ويندو. پي سي بيءَ ذريعن موجودا صورتحال ته قومي سليڪشن ڪميٽي متبادل بالر جي نالي تي غور ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.ريزروز ۾ موجود وهاب رياض، مير حمزه ۽ وقاص مقصود اميدوارن ۾ شامل آهن.قومي سليڪشن ڪميٽي محمد حفيظ جي فٽنس جي معاملي تي ٽيم انتظاميا سان رابطي ۾ آهي. ٻئي پاسي وهاب رياض آپريشن کانپوءِ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ باقائدا ٽريننگ جي شروعات ڪري ڇڏي، فاسٽ بالر جو ٻه هفتا اڳ نڪ جو آپريشن ٿيو هو جنهن بعد ڊاڪٽرن کيس آرام ڪرڻ جو مشهورو ڏنو هو ، جڏهن ته هاڻ هن ٽريننگ شروع ڪري ڇڏي آهي. قومي سليڪشن ڪميٽي آئرلينڊ ۽ انگلينڊ جي خلاف سريز جي لاءِ فاسٽ بالر جي چونڊ نه ڪئي هئي، جنهن بعد سندس معاهدو انگلش ڪائونٽي ٽيم ڊربي شائر سان ٿي چڪو آهي ۽ هن هلندڙ سيزن ۾ ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ حصو وٺي  فارم بحال ڪرڻ جو پلان جوڙي ورتو آهي، ياد رهي ته پاڪستان ٽيم 24 مئي تي لارڊز  ٽيسٽ ۾ ميزبان انگلينڊ سان مهاڏو اٽڪائيندي، ان کان اڳ فاسٽ بالر محمد تي بالنگ جو وزن وجهڻ يا کيس آرام ڏيڻ بابت اهم فيصلو ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے