19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز | نواب ولي محمد: جسقم پاران تشدد ۾ فوت ٿيل شاگرد جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

نواب ولي  محمد ۾  جقسم پاران قاضي احمد پوليس جي تشدد ۾ فوت ٿيل شاگرد جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو.

ڊاڪٽر الهرکيو ڪلهوڙو، مسعود شاهه، شبير سنگراهه، علي خان خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ  ايس ايڇ او سرور زرداري انٽر جي شاگرد  سجاد جوکيو کي عدالت ٻاهران کنڀي کيس  سخت  تشدد جو نشانو بڻايو،  جنهن سبب هو فوت ٿي ويو .

هنن آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجھ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري شاگرد جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے