18 اربع , جولاءِ 2018

نيوز |اڳڙا: رپڙي ۾ آبادگارن جو پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاج

اڳڙا  ويجهو رپڙي ۾ آبادگارن پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاج ڪيو .

نوراجا پل وٽ سوين آبادگارن آبپاشي عملي پاران پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو.

آبادگارن محرم علي پنهور، لعل بخش ناريجو  ۽ ٻين الزام هنيو ته داروغومحمد حسن ڊونڊڻ سندن حصي جو پاڻي بااثرن کي وڪرو ڪري رهيو آهي .

هنن ٻڌايو ته داروغو ٽوري شاخ، کاٽ ناريجو شاخ، پراڻي پل نوراجا شاخ جو پاڻي آبادگارن تائين پهچائڻ بدران علائقي جي بااثرن کان ڳري رشوت وٺي غيرقانوني لوليون، پائيپ ۽ ونجهيون هڻي منٿلي عيوض بااثرن کي ڏئي رهيو آهي .

هنن مطالبو ڪيو ته کين ترت زرعي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو…

هي به ڏسي سگهو ٿا

Mediator: Jahan, woman and good husband died in two sentences, the latest interview

نيوز:مديجي: ٻن ڌرين ۾ جيهڙو، عورت ۽ چڱو مڙس مارجي ويا،نينگري مرڻينگ

مديجي ڀرسان پنهور ۽ بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جيهڙي سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے