20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز |ٺڪراٺو: ھٿ جي هنر کي ثقافت کاتي وساري ڇڏيو، هنر سستي اگهه تي وڪرو

ٺڪراٺي ۾ ھٿ جي هنر کي ثقافت کاتي وساري ڇڏيو. غربت جو شڪار پورهيت  پنهنجو هنر سستي اگهه ۾ وڪڻڻ لڳا.

ڪنڀر پاڙي جا رهواسي پورهيت يار محمد، منير احمد ۽ مختيار سميت ٻيا پورهيت ٺڪر  جا دلا، مٽڪا، پاٽوڙا ۽ ٻيون شيون وڏي محنت سان تيار ڪري بازار ۾ سستي اگهه تي وڪرو ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن.

پورهيتن موجب ٻچڙن جو پيٽ گذر ڪرڻ لاءِ هو وڏي ڏکيائن کي منهن ڏئي رهيا آھن،  سندن محنت سان ٺهيل دلا، مٽڪا توڙي ٻيو سامان ڪراچي ، سکر ۽ گهوٽڪي سميت سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن ۾ سستي اگهه تي کپائڻ تي مجبور آهن.

هنن چيو ته کين هنر ته آهي، پر ثقافت کاتي سندن هنر تي ڌيان ناهي ڌريو، مهانگائي واري دور ۾ سندن سار نه لهڻ سبب هو سخت پريشان آهن.

هنن ثقافت کاتي جي صوبائي وزير ۽ چونڊيل نمائندن کان گهر ڪئي ته هٿ جي هنر کي هٿي وٺرائي سندن سار لهن ته جيئن سندن نئون نسل تعليم پرائڻ سان گڏ بهتر زندگي گذاري سگهي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

ShareefFamily, BilawalBhuttoZardari, Khipro

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-19

*بلاول ڀٽو زرداري شريف ڪٽنب جي آزادي کي رليف قرار ڏئي ڇڏيو *اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے