26 اربع , سيپٽمبر 2018

جينا هاسپل سي آءِ اي جي پهرين عورت سربراهه مقرر

gina haspel set the first woman head of the CIAواشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي ڊونلڊ ٽرمپ جي طرفان سي آءِ اي سربراهه جي لاءِ نامزد عورت جينا هاسپل آمريڪي ڪانگريس کان حتمي منظوري بعد سي آءِ اي جي پهرين عورت ڊائريڪٽر مقرر ٿي وئي. ٽرمپ انتظاميا جي طرفان سي آءِ اي جي سربراهه جي لاءِ نامز عورت جينا هاسپل آمريڪي ڪانگريس مان حتمي منظوري کانپوءِ سي آءِ اي جي پهرين عورت ڊائريڪٽر مقرر ڪئي وئي آهي، آمريڪي سينيٽ ۾ ووٽنگ جي دوران جينا هاسپل جي حق ۾ 54 جڏهن ته مخالف ۾ 45 ووٽ آيا جنهن بعد کيس سي آءِ اي جو عهدو ملي ويو. سينيٽ ۾ ووٽنگ دوران ڪيترن قانوني ماهرن سندس مقرري جي سخت مخالفت ڪئي، ري پبلڪ پارٽي سينيٽر جان مڪين پاڻ به هاسپل کي ووٽ نه ڏيڻ جي لابنگ ڪندو رهيو ، جان مڪين چيو ته هاسپل جي مقرري سان دنيا ڏانهن منفي پيغام ويندو، ٻئي پاسي ري پبلڪن پارٽي جي صدر ٽرمپ ۽ سندس انتظاميا جي پوري سپورٽ جينا هاسپل کي  حاصل رهي. واضح رهي ته 2002 ۾ جينا هاسپل ٿائي لينڊ ۾ سي آءِ اي اسٽيشن چيف جي حيثيت سان زميواريون نڀائي چڪي آهي، جڏهن ته مٿس جاچ دوران جوابدارن تي واٽربورڊنگ سميت سخت تشدد ڪرڻ جا الزام آهن

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي ۾ ”سالياني عام بحث“ جي شروعات

نيويارڪ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي واري اجلاس ۾ اڄ کان”سالياني عام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے