20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز |واهي پانڌي: شهر چونڊيل نمائيندن جي بي ڌياني ۽ لاپرواهي سبب گندگي جي ور چڙھيل

* واهي پانڌي چونڊيل نمائيندن جي بي ڌياني ۽ لاپرواهي  سبب گندگي جي ور چڙھي ويو آهي.

هڪ طرف ڊرينيج سسٽم نه  ھئڻ ڪري گندو پاڻي وچ شهر ۾ بيٺل رهي ٿو ته ٻئي طرف صفائي نه ٿيڻ ڪري شھر جي مختلف بازارن  ڀرسان ڪچري جا ڍير لڳل آهن.

کوکر بازار ، پريشان چونڪ ، گورک موڙ سميت شهر جي ڪيترن ئي هنڌن تي پڻ ڪچري جا ڍير لڳي ويا آهن  .

مين پرائمري اسڪول ڏانهن  ويندڙ رستي تي پڻ گندو پاڻي بيٺل هجڻ ڪري  شاگرد ۽ استاد ڪيترن ئي تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور  آهن

شهر ۾  گندگي جا ڍير لڳل هجڻ ڪري  مليريا، چمڙي جي بيمارين سميت ڪيترن ئي مرضن ڪر کنيو آهي .

شهرين وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان مطالبو ڪيو آهي ته سندن شهر ۾ صفائي جا جوڳا بندوبست ڪيا وڃن ..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Bakhshapur

نيوز | بخشاپور ڀرسان ٽانڊن تي ماتم ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏني وئي

بخشاپور ڀرسان ٽانڊن تي ماتم ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏني وئي. بڊاڻي ڀرسان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے