22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز |دولتپور صفن: مبينا طور کنڀي قتل ڪيل شاگرد جي وارثن جو قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

دولتپور صفن ۾ قاضي احمد جي ايس ايڇ او پاران مبينا طور کنڀي قتل ڪيل شاگرد جي وارثن قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو .

مقتول شاگرد جي وارثن ۽ شهرين رضا محمد جوکيو ، ذڪرالله جوکيو ، عبدالرحمان جوکيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.

ان موقعي تي مقتول شاگرد  جي وارثن الزام هنيو ته قاضي احمد ٿاڻي جي ايس ايڇ او سرور زرداري بنا ڪنهن سبب جي سجاد جوکيو کي کنڀي قتل ڪيو آهي .

هنن ٻڌايو ته واقعي کي هڪ هفتو گذرڻ باوجود شاگرد جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن.
هنن چيو ايس ايڇ او سرور زرداري کين ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.

مقتول شاگرد جي وارثن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته شاگرد جي قاتل ايس ايڇ او سرور زرداري کي عبرتناڪ سزا ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي ..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے