22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

آءِ سي سي مٿان تنقيد: پي سي بيءَ طرفان پروفيسر کي شوڪاز نوٽيس موڪلڻ جو جو فيصلو

Critical on ICC: The decision of submitting Shikazid notices to PCB professorلاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آل رائونڊر محمد حفيظ کي شوڪاز نوٽيس موڪلڻ جو فيصلو ڪري ورتو. آل رائونڊر محمد حفيظ برطانوي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي آءِ سي سي  کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو هو جنهن تي پي سي بيءَ محمد حفيط کي شوڪاز نوٽيس موڪلڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.شڪي بالنگ ايڪشن بابت آءِ سي سي جي قانون تي عملدرآمد ڪرائڻ کي ٻٽو معيار قرار ڏيندي اسٽار آل رائونڊر چيو  هو ته ان قانون تي طاقت، تعلقات ۽ نرم رويو اثر انداز ٿي رهيا آهن.محمد حفيظ انٽرويو ۾ چيو هو ته هو جڏهن بائيو مڪينڪ ٽيسٽ جي لاءِ ويو ته کيس خبر پئي ته سندس بالنگ 16، 17 ۽ 18 ڊگري تي آهي. آل رائونڊر سوال اٿاريو هو ته هڪ انساني اهو ڪيئن ٿي ڏسي سگهي ته سندس بالنگ ايڪشن 15 ڊگري جي مقرر حد کان رڳو هڪ ڊگري وڌيڪ تي آهي، ۽ امپائرن ۽ ميچ ريفرين کي سندس 16 ڊگري کان وڌيڪ بالنگ ڪيرائڻ تي نظر اچي ٿو  پر ٻئي پاسي ڪيترائي اهڙا بالر آهن جيڪي 30،25 ۽ ان کان به وڌيڪ ڊگري تي بالنگ ڪري رهيا آهن پر انهن جو ايڪشن رپورٽ نٿو ڪيو وڃي. محمد حفيظ وڌيڪ چيو ته کوڙ اهڙا ڪرڪيٽ بورڊ آهن جنهن جي طاقت اڳيان ڪو به ڪُڇي ناهي سگهندو، ۽ ڪي وري تعلقات خراب ڪرڻ ناهن چاهيندا! ياد رهي ته 37 ورهين جي قومي آل رائونڊر محمد جو بالنگ ايڪشن 3 ڀيرا رپورٽ ٿي چڪو آهي، ۽ وجهڙائي ۾ ئي آءِ سي سي کيس بالنگ ڪيرائڻ جي اجازت ڏني آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ: پاڪستاني ٽيم ڀارت خلاف 162 رنسن تي ڍير

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي پنجين ميچ ۾ قومي ٽيم ڀارت خلاف پهريان بيٽنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے