22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

بخشاپور لڳ خوفناڪ باھ، 22 گھر رک، 2 معصوم ٻارڙا سڙي فوت

بخشاپور(رپورٽ: اميت ڪمار سچديو) بخشاپور ويجهو ڳوٺ موسيٰ خان ڊومڪي ۾ گھر ڌڻي سليم ٻرڙو جي گھر ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باھ لڳي وئي، باھ جو اطلاع فوري طور فائر برگيڊ عملي کي ڏنو ويو پر فائربرگيڊ عملي پنهنجي پراڻي روايت کي برقرار رکيو ۽ دير سان پھتو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي باھ پوري ڳوٺ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو ۽ 22 غريب پورھيتن سليم ٻرڙو، رحمت الله، آزاد، سانول، نصيب الله، جلال، شاھنواز، ڪرم علي، اختيار، آدم، مختيار، مجيد، اشرف علي، عبيدالله، يوسف، محمد، برڪت، الاھي بخش، مريد، سھراب، ھسو ۽ ھزارو جا گھر مڪمل طور سڙي رک جو ڍير ٿي ويا، واقعي ۾ گھر ڌڻي سليم ٻرڙو جا ٻھ معصوم ٻارڙا 7 ورھين جو معصوم نينگر علي خان ٻرڙو ۽ 5 ورھين جي معصوم نينگري بشران سڙي فوت ٿي ويا ۽ ھڪ معصوم نينگر 12 ورھين جو پرويز زخمي ٿي پيو، جنهن کي فوري طبي امداد لاءِ بخشاپور جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، باھ واقعي کان پوءِ معصوم ٻارڙن جي موت سبب گھر ڌڻي سليم ٻرڙو جي گھر ۾ ماتم ڇانيل آهي ۽ عورتن توڙي مردن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو آهي، باھ سبب لکين رپين جو چوپايو مال جنهن ۾ 15 مينھون،5 ڳئون، 20 ٻڪريون سڙي مري ويون آهن ۽ گھرن ۾ پيل 500 مڻ ڪڻڪ، 200 مڻ سارين جو ٻج، 3 نياڻين جو ڏاج، 2 موٽر سائيڪلون، 2 لک رپيا روڪ، 5 تولا سون، 250 تولا چاندي ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي ۽ باھ متاثر ڳوٺاڻا بي يارو مدد کليل آسمان ھيٺ ويٺل آهن، جڏهن ته واقعي بعد علائقي جو ڪو به چونڊيل نمائندو توڙي ضلعي عملدار باھ متاثرن وٽ لڙي نه آيو ھو.05

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے