25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ايون فيلڊ ريفرنس:سوال نامن تي اعتراض، نواز شريف ۽ ٻين جا بيان ريڪارڊ نه ٿي سگهيا

Aaron Field Reference: Questionnaire, Nawaz Sharif and other statements could not be recordedاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت ۾ اڄ ايون فيلڊ پراپرٽيز ريفرنس جي سلسلي ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف سندس نياڻي مريم نواز ۽ ناٺيءَ ڪيپٽن(ر) محمد صفدر جا بيان ريڪارڊ نه ٿي سگهيا، جنهن بعد ٻڌڻي 21 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي. اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ۽ سندس خاندان جي خلاف نيب ريفرنس جي ٻڌڻي اڄ احتساب عدالت جي جج محمد بشير ڪئي. ٻڌڻي دوران جوابدار جي وڪيل خواجه حارث جوابدارن کي ڏنل سوال نامن تي اعتراض واريندي چيو ته ڪجهه سوالن ۾ درستگي ڪرڻي آهي، سمجهه ۾ نٿا اچن.ان موقعي ته نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباسي چيو ته جوابدارن جو وڪيل عدالت جو وقت ضايع ڪري رهيو آهي.نيب پراسيڪيورٽر وڌيڪ چيو ته اسان سهڪار ڪري رهيا آهيون، پر صفائي وارو وڪيل اسان سان سهڪار ناهي ڪري رهيو. جنهن تي جج محمد بشير چيو ته هي آخري چانس آهي، سومر تي جوابدارن جا بيان ريڪارڊ ڪيا ويندا.جنهن بعد نواز شريف ۽ ٻين جي خلاف ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي سومر 21 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي . واضح رهي ته 16 مئي تي ٿيندڙ ٻڌڻي تي احتساب عدالت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جا بيان 18 مئي ته ريڪارڊ ڪرائڻ جو فيصلو ٻڌايو هو ۽ ٽنهي جوابدارن کي سوال ناما ڏنا ويا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے