17 جمعو , آگسٽ 2018

دهشتگرديءَ کي پاڙئون اکيڙي ڦٽو ڪرڻ جي ضرورت

بلوچستان جي علائقي قلي الماس ۾ سيڪيورٽي فورسز سان مقابلي ۾ بندش پيل تنظيم لشڪر جهنگوي سان لاڳاپيل ٽي دهشتگرد مارجي ويا آهن، پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن ۾ لشڪر جهنگوي بلوچستان جو سربراهه سلمان بدني به شامل هو، جيڪو هزارا برادريءَ جي سئو کان وڌيڪ ماڻهن جي قتل عام ۾ ملوث هو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جو ڪرنل سهيل عابد به شهيد ٿي ويو، جنهن کي وهاڙيءَ ۾ پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ فوجي اعزاز سان دفنايو ويو.

بلوچستان خاص ڪري ان جي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ هزارا برادريءَ لاءِ رڻ ٻريل آهي. هزاره برادري جيئن ته شيعا فرقي سان تعلق رکي ٿي، تنهن ڪري فرقيوار بنيادن تي ان جو قتل عام ڪيئي ورهين کان صوبي ۾ ڄڻ ته معمول بڻيل آهي، هزاره برادريءَ جا ماڻهو لاش کڻي کڻي ٿڪجي پيا آهن پر ڪير به سندن ڀرجهلو ٿيڻ ۽ سندن نسل ڪشي ڪندڙن کي سوگهو ڪرڻ وارو نظر نه ٿي آيو. اهڙي صورتحال ۾ تازي ڪارروائيءَ ۾ ٽن دهشتگردن جي مارجڻ(جيڪي هزاره برادريءَ جي سوين ماڻهن جي قتل عام ۾ ملوث رهيا آهن) کي سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪاميابي سمجهيو پيو وڃي.

افغانستان کان پوءِ هن خطي اندر دهشتگرديءَ جو سڀ کان وڌيڪ متاثر جي ڪو ملڪ ٿيو آهي ته اهو پاڪستان ئي آهي. هڪ ته افغان جنگ ۾ آمريڪي ايجنڊا تحت ان جو حصو ٿيڻ واري پاليسي ۽ ٻيو وري آمريڪا جي ئي چوڻ تي دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ اڳين صف جو ڪردار ادا ڪرڻ واري پاليسي جي ڪري پاڪستان جيڪا لوڙ لوڙي آهي، سا سڀني جي سامهون آهي.

دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ جتي هزارين عام ۽ معصوم شهري زندگي وڃائي ويٺا آهن، اتي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن به قيمتي جانيون قربان ڪيون آهن.

ستم ظريفيءَ جي ڳالهه هي آهي ته هيتريون قربانيون ڏيڻ باوجود دنيا خاص ڪري آمريڪا بهادر دهشتگرديءَ خلاف پاڪستان جي ڪردار کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.نه رڳو ايترو پر ان جنگ ۾ ڪوليشن سپورٽ فنڊ تحت پاڪستان جون جي آمريڪا ڏانهن رهتون آهن سي به ٽرمپ انتظاميا روڪي ڇڏيون آهن. گڏوگڏ واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتڪارن جي چرپر به محدود ڪئي وئي آهي ۽ دهشتگرديءَ خلاف پاڪستان جي ڪردار کي ساراهڻ بدران ساڳيو ئي آمريڪا پاڪستان تي دهشتگردن جي سرپرستيءَ جا الزام هڻي رهيو آهي، جنهن جي ڪري هن جنگ ۾ پاڪستان ڪاهي پيو هو.

دنيا اندر جيڪي پراڪسيون (ڳجهيون لڙائيون) هلن پيون تن پٺيان آمريڪا جي ڪردار کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. وچ اوڀر هجي يا دنيا جو اسان وارو حصو آمريڪا هڪڙا ڳجها جٿا پيدا ڪندو ۽ ٻين خلاف ڪارروائين ۾ ملوث رهيو آهي. سو دهشتگرديءَ جي وبا جيڪا وچ اوڀر ۾ يا اسان جي خطي ۾ ختم ٿيڻ جو نانءُ ئي نه ٿي وٺي تنهن پٺيان آمريڪي ڪردار کي قطعي طور نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي.

دهشتگرديءَ ۾ تمام وڏو جاني، مالي ۽ معاشي نقصان ٿيڻ کان پوءِ اسان جي ملڪ ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ضرب عضب ۽ ردالفساد نالي ڪارروايون شروع ٿيون. انهن آپريشنن جي ذريعي يقيني طور دهشتگرد ڪاررواين ۾ ڳاڻيٽي جوڳي گهٽتائي ٿي آهي ۽ انهن جي مٿي چٿ به ٿي آهي پر ويجهر ۾ نارو وال ۾ وفاقي گهرو وزير احسن اقبال تي ٿيل قاتلاڻو حملو ۽ ڪوئيٽا ۾ مقابلي ۾ ٽن دهشتگردن جو مارجڻ ۽ فوجي ڪرنل جو شهيد ٿيڻ ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته دهشتگرديءَ لاءِ ماڻهن کي اڀارڻ واري سوچ اڃا به اسان جي معاشري ۾ موجود آهي ۽ دهشتگردي ۽ سندن نيٽ ورڪ به.

دهشتگردي جو مڪمل خاتمو دهشتگردي کي رد ڪندڙ بيانيي کي معاشري جي چئني ڏسائن ۾ پکيڙڻ ۾ سمايل آهي، ان ڏس ۾ انتهاپسندن سوچ رکندڙ ڌرين لاءِ ميدان سوڙهو ڪندي ترقي پسند ۽ روشن خيال ڌرين لاءِ ميدان مهيا ڪرڻو پوندو، نه رڳو ايترو پر سيڪيورٽي ادارن کي جتي جتي به دهشتگرديءَ جو نيٽ ورڪ ۽ سندن سرپرست موجود آهن، تن جي به پاڙ پٽڻي پوندي. سماج کي دهشتگرديءَ کان پاڪ ڪرڻ لاءِ پسند ۽ ناپسند کان هٽي ڪري بنا ڪنهن رک رکاءَ جي ڪارروائي جي ضرورت آهي.

جمعو 18 مئي 2018ع، 2 رمضان المبارڪ 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

14 آگسٽ آزاديءَ جو ڏينهن

اڄ 14 آگسٽ آهي، اڄ کان 71 سال اڳ، يعني 14آگسٽ 1947ع تي ننڍي کنڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے