17 جمعو , آگسٽ 2018

غداريءَ وارن الزامن سان ڀريل ملڪي تاريخ

امداد سومرو

پاڪستان جي پوري تاريخ غداريءَ وارن الزامن سان ڀريل رهي آهي پر هيئن عوامي، ڊرائينگ رومي ۽ دانشوراڻي سطح تي ڪڏهن به غداريءَ ڀريل الزامن جي ملهار اڳ نه ڏٺي وئي آهي. هونئن سرعام ڦاهيءَ وارو مطالبو ڪندي شرم محسوس ڪيو ويندو هو ۽ اسان وٽ ٿورائي ۾ سهي پر هڪ طبقو ضرور هوندو هو جو ان جي نندا به ڪري وٺندو هو پر هاڻ ان مطالبي کي پاپولر ميڊيا جي ذريعي عوامي مقبوليت به ملي چڪي! قصور جي زينب سانحي ۾ جڏهن ڪو ٻيو نه پر پنجاب جو وزيراعليٰ سرعام ڦاهيءَ واري ڳالهه ڪري، اهلڪارن ۽ آفيسرن کي جوابدار سوگهو ڪرڻ تي تاڙيون وڄائي تڏهن اهو سمجهڻ تهائين آسان ٿي وڃي ٿو ته اسان جي نفسيات ڪيتري حد تائين متاثر ٿي چڪي آهي. اهو رواج ياد رهي ته افغانستان ۾ طالبان راڄ دوران هو يا هاڻ داعش جي قبضي هيٺ آيل علائقن ۾.

پاڪستان ۾ هي سينسرشپ جو عجيب دور آهي. هل هنگامو ته آهي پر سچ ڪنهن گهاٽي پاڇولي ۾ ڍڪيل آهي. سچ ۽ ڪوڙ جو فرق ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. هاڻ ائين ٿو لڳي ته هڪ ئي ”منسٽري آف ٽرٿ“ (آرويل جي اصطلاح ۾) آهي جتان پرچي اچي ٿي ۽ هر شام کان آڌيءَ تائين اڻ ڳڻيا ٽي وي چئنلن تي ڪنريءَ جي مرچن کان به وڏي اينڪر حضرات جي جيڪا پڙي لڳي ٿي، ان ۾ ساڳي طوطا مينا ڪهاڻي ورجائي وڃي ٿي جيڪا ان ”چٽ“ ذريعي موصول ٿئي ٿي.

ڪا ڍنگ جي ڳالهه، منطق ڀريل ڪو جملو، تلخ ڍڪ جهڙي تنقيد… شايد اهي اسم هاڻوڪي بازار ۾ کوٽا ٿي چڪا آهن. هڪ متبادل حڪومت ڪيئن جڙندي آهي ۽ رياست اندر رياست ڪيئن هلندي آهي، ان جي ويجهي ماضيءَ واري تاريخ ۾ جيڪو مثال ميموگيٽ واري اسڪينڊل کان شروع ٿيو اهو هاڻ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي ممبئي حملن متعلق چيل 32 لفظن (مان ورجايان ٿو 32 لفظن) واري جملي ۾ مياڻ مان نڪتل اگهاڙي تلوار جيان نروار ٿي آيو آهي. ان تي مون کي شيخ اياز ياد اچي ٿو، جنهن چيو هو: ”ڪنهن به مطلق العنان رياست ۾ هڪ عظيم شاعر دراصل متبال رياست هوندو آهي.“

ميان نواز شريف 3 ڀيرا وزيراعظم رهيو آهي پر هن وقت هو عوامي فگر آهي. هو عوامي عهدي تي ناهي ان ڪري هن جو اظهار هڪ فرد جي اظهار طور وٺڻ گهربو هو ۽ ان تي طاقتور ڳاٽن جو هنگامي بنيادن تي گڏجڻ رڳو اهو ظاهر ڪري ٿو ته اسان وٽ مدبر وارو تدبر ڪيتري ڏڪار جو شڪار آهي. ايترو مها ڏڪار شايد ئي ڪڏهن آيو هجي. قومي مفاد جي تشريح تي ضرب، پوءِ ايوب جو دور هجي يا ضياءَ جو؛ ڪڏهن جالب جي شڪل ۾ ته ڪڏهن فراز جي روپ ۾ ته ڪڏهن اياز جي شڪل ۾، لڳڻ جي روايت به رهي آهي. پر قومي مفاد ۽ سلامتيءَ جي آڙ ۾ هيئن آزاد روحن تي ماٺ اڳ نه ڏٺي وئي آهي. آرويل جي لغت موجب، شيڊو اسٽيٽ دراصل ان قسم جي اصطلاحن ۽ Rhetoric پويان پناهه وٺنديون آهن ۽ اهي عوام جي نفسيات ۾ ان قسم جي من گهڙت اصطلاح بازيءَ کي فائن آرٽ جيان داخل ڪري ڇڏينديون آهن. ڪميونسٽ روس ۾ انقلاب وروڌي جي الزام ۾ اهو منتر خوب هليو. سو، يارو اڄ جي ميان نواز شريف کي اها شاعراڻي موٽ نه پئي ملي ته ان جو مطلب ته اهو ئي ٿو سجهي ته شايد ”متبادل رياست“ جهڙو آرٽسٽ ڀونءِ تي نه رهيو آهي ۽ باقي ڪانون جو لڙُ آهي سو اوهان کي اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي ٻڌڻ لاءِ خوب ملي رهيو آهي.

ڪجهه دلچسپ شيون بهرحال اسان کي ضرور ڏسڻ جو موقعو مليو آهي. 90ع جي ابتدا کان جرنلزم ۾ هجڻ ڪري اسان ڏٺو ته ضياءَ جي انجام کان شريفن جي سياست جو آغاز ڪيئن ٿيو. جڏهن 88ع ۾ بينظير ڀٽو سبز قميص ۽ سفيد رئي اوڍيل ايوان صدر ۾ وزارت اعظميٰ جو حلف کنيو هو ۽ ايوان ۾ جيئي ڀٽو جو نعرو لڳو هو ته ڪيئن نه اسان کي جبر جي ديوار ٽٽندي محسوس ٿي هئي… پر انهيءَ پرنور تبديليءَ تي ڏائڻ جو پاڇو غلام اسحاق خان، جنرل حميد گل ۽ مرزا اسلم بيگ جي روپ ۾ ضرور موجود هو. محترمه مشروط اقتدار قبوليو ۽ اهو ئي دراصل انڌو موڙ هو جتان مير صاحب جا ڀيڻ سان اختلاف شروع ٿيا. (پر اها ڪهاڻي ڪنهن ٻئي ڀيري لاءِ) يارهن سالن جي آمريتي طوالت کانپوءِ آيل اها جمهوريت اصل ۾ ”جيئري ديوار ۾ پورايل انارڪليءَ جي محبت“ وانگر هئي. ۽ ان کي ولگرائز ڪرڻ لاءِ شاهينگ دراصل ميڊيا مان پيدا ڪيا ويا. جمهوريت کي ڪرپشن جو ٻيو نالو ڏنو ويو ۽ ان ۾ چڱا ڀلا معتبر نالا استعمال ٿيا. ان وقت رڳو پرنٽ ميڊيا هئي. هاڻ ان ۾ جدت آئي ۽ ڊجيٽل ميڊيا جي هن دور ان قسم جي لڪل شاهينگن کي اڃا وڌيڪ تيز اس ۾ آڻي اسان اڳيان نروار ڪيو آهي.

بينظير ڀٽو جي کوٽ شايد اڃا اسان کي اڳتي وڌيڪ ستائڻ لڳندي. هاڻ جڏهن مون پيپلزپارٽيءَ جي چڱي ڀلي برگيڊ کي ميان نواز شريف خلاف ڳالهائيندي ٻڌو ته مون کي 90ع واري بينظير ڀٽو جي شدت سان ياد اچڻ لڳي آهي جنهن پويان ان ساڳي نواز شريف اسٽئبلشمينٽ جي پهلوءَ ۾ ويٺي ڪيئي ”شيخ رشيد“ بڇي ڇڏيا هئا. ميان نواز شريف اهو ڪفارو پيو ادا ڪري يا اسان جي ستارن جو ڪو ڏوهه آهي جو بينظير ڀٽو کي اڪيلو ڪرڻ لاءِ آءِ جي آءِ جوڙي جيڪا ڏوڪڙن جي بندربانٽ ڪئي وئي؛ اڄ ساڳي طرح ميان نواز شريف کي اڪيلو ڪرڻ لاءِ ميدان صاف ڪيو ويو آهي. ان اسپيني ميدان جهڙي بل فائٽنگ جا منظر انتهائي پيارا آهن. جهڙي طرح سينيٽ اليڪشن ٿي ۽ جيئن بلوچستان ۾ نون ليگ جي صوبائي حڪومت جي تڏا ويڙهه ڪئي وئي ان مان ظاهر آهي ته اسان سسٽم سڌارڻ بجاءِ اهو سڀ ڪجهه سسٽم مان هڪ شخص کي ڪڍڻ لاءِ ڪري رهيا آهيون. ڪالهه محترمه بينظير ڀٽو هئي اڄ ميان صاحب آهي. ڪالهه ان ڏس ۾ بي بي صاحبه خلاف مُهرو ميان نواز شريف هو اڄ ميان نواز شريف خلاف مهرا ڪيئي آهن. ڪالهوڪا پرو اسٽئبلشمينٽ هاڻوڪا ائنٽي اسٽئبلشمينٽ آهن ۽ ڪالهه جا ائنٽي اسٽئبلشمينٽ اڄ جا پرو اسٽئبلشمينٽ آهن. آئينو اهو ئي آهي رڳو پردي تان منظر بدلبا ٿا وڃن.

ڇا به آهي اڄوڪي سنگرام ۾ اوهان جي سامهون مزاحمت جي مورچي تي ميان نواز شريف بيٺل آهي ۽ هن جي سامهون پاپولر عمران خان آهي جيڪو ميان نواز شريف تي آئين جي آرٽيڪل  6 تحت غداري جي ڪيس هلائڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي. ڪڏهن به خانصاحب ان قسم جو مطالبو پرويز مشرف خلاف نه ڪيو آهي. جڏهن ميان نواز شريف چئي ٿو ته آئين ٽوڙيندڙن ۽ 71ع ۾ ملڪ ٽوڙيندڙن تي غداري جو ڪيس ڇو نه ٿو هلي ته دراصل هو ڪيترن سوالن جي چوڌاري ڳاڙهي لڪير ٿو ڦيري ڇڏي. سوالن جا جواب نه ڏبا پر انهن تلخ سوالن تان ڌيان هٽائي مورڳو ان سوال پڇڻ جي همت ڪندڙ تي ملڪ دشمنيءَ جو ٺپ هڻي ڇڏبو. قومي اخلاقيات جو درس صرف هڪ ماڻهو لاءِ هوندو باقي ٻين کي بري الذمه ڪري ڇڏبو ته سوال ته پيدا ٿيندا ۽ اڳتي هلي اهي ان شدت سان اڀري ايندا جن کي روڪڻ محال ٿي ويندو.

ميان نواز شريف مطالبو ڪري ٿو ته مان غلط آهيان يا صحيح… ان تي نيشنل ٽرٿ ڪميشن جوڙيو. پر ان ٽرٿ ڪميشن جو دائرو وسيع هجڻ گهرجي. سڀ کاتا کوليو پوءِ ان ۾ ڪير به اچي. جي ان جي همت ناهي ۽ پاڪستان کي ڪنهن قبوليت جوڳي سڌي دڳ تي آڻڻ چاهيو ٿا ته پوءِ سسٽم مان هڪ ماڻهوءَ کي ڪڍڻ بجاءِ سسٽم کي ٺيڪ ڪريو ۽ هر طرح جي عارضي ٽيلرنگ ۽ هٿرادو انجنيئرنگ بند ڪريو. رڳو ان صورت ۾ پاڪستان کي نئون لباس اوڍائي سگهبو جڏهن اقتدار جي تبديلي ۽ منتقلي عوام جي هٿن ۾ ڏبي. ذوالفقار علي ڀٽو کي ڇا جي سزا ڏني وئي هئي؟ ان جي نه ته هن عوام کي طاقت جو سرچشمو ڪوٺيو هو. اسان جي جمهوريت ڇو عوام دوست سسٽم نه ڏئي سگهي آهي؟ ان جو سادو جواب اهو ئي آهي ته اصل ۾ عوام کي تبديلي جي محرڪ طور ورتو ئي نه ويو آهي. عوام کي جنهن ڏينهن آزاد چونڊ ڪرڻ ڏني وئي، اهو ڏينهن پاڪستان ۾ حقيقي تبديليءَ جو هوندو. ان وقت تائين هي بحران پنهنجي دلچسپ، کلڻ هاب ۽ ڀونڊي طريقي سان جاري رهڻو آهي.

اڄ سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونواهه مان نه پر پنجاب جي ميڊيائي پنڊتن ۽ سياسي جماعتن پاران نواز شريف کي غدار جي لقبن سان نوازيندي آرٽيڪل 6 تحت ڪيس هلائڻ جا مطالبا ڪيا پيا وڃن. هنن ڪڏهن به ڍاڪا سانحي ڀيري هٿيار ڦٽا ڪندڙ ٽائيگر نيازيءَ خلاف غداريءَ جو مطالبو نه ڪيو هو. باقي تاريخ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ٽي آءِ حڪومت کي پنهنجي گهران لڳندي!؟

عبدالمجيد مغيري پي ٽي آءِ، عمران اسماعيل کي سنڌ جو گورنر نامزد ڪيو، هن صاحب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے