17 جمعو , آگسٽ 2018

قصو شڪارپور جي خوفناڪ واقعي جو!

امير ڀنڀرو

مختصر ماٺار کانپوءِ وري شڪارپور ۾ وانا ۽ وزير ستان جهڙو حال ٿي ويو آهي هڪڙا لاش دفنائجن ٿا ٻيا کڄن ٿا هڪڙو سڏڪا بند ٿين ٿا ٻيون آهون شروع ٿين ٿيون اهو سلسلو مسلسل مهيني کان هلندو پيو اچي ٿو، پر انهي وچ ۾ حڪومت پوليس ۽ انتظاميا ڪٿي آهي اها شڪارپور وارن کي به خبر نه آهي هڪ طرف ڏوهارين جو ڪاروايون جاري آهن ٻئي طرف وري پوليس به ڏوهارين جيان ڪاروايون ڪري صرف انگ اکر پيش ڪرڻ ۾ پوري آهي ته هيترا ڏوهاري ماريا آهن اهي ماڻهو هن ڪيئن ماريا ڪير هئا ڪهڙي ڏوهه تحت پوليس هٿان قتل ڪيا ويا، اهو سنڌ پوليس ۾ پڇاڻو نه اڳ ۾ ٿيو هو نه ڪو هاڻي سمجهه ۾ اچي ٿو ته انهي معاملي جو پوليس ۾ڪو پڇاڻو ٿيندو ته گهرن ۾ ستل ماڻهن مٿان گولين جو مينهن ڇو وسايو ويو انهن جا گهر ڇو اجاڙيا ويا، جنهن پوليس ۾ پاڻ ڏوهارين جهڙو نظام هجي هو جڏهن چاهين گهرن مٿان ڌاڙيلن جيان حملا ڪري بيگناهه ماڻهن جي خون جون ننديون وهائي، وري هڪ ڪالم خبر جاري ڪري پنهنجي ڊيوٽي سمجهن ته اسان جيڪي ماڻهون ماريا آهن اهي ڏوهاري آهن.

جڏهن اسان وٽ پوليس جي حد مقرر نه هوندي جڏهن اسان وٽ ڪو پوليس کي چوڻ وارو نه هوندو جڏهن اسان جي پوليس ماڻهون ماريندي انهن کان ڪو اهو به پڇڻ وارو نه هوندو ته اوهان هي ڪهڙو ظلم ڪيو آهي، پوءِ انهي سنڌ ۾ امن ڪٿان ٿيندو عوام جو تحفظ ڪير ڪندو عوام جي جان ۽ مال جي ذميواري ڪير کڻندو، جتي خود پوليس ئي ڌاڙيلن جيان ڪاروايون ڪري.

شڪارپور پوليس جي ڀلا انهي کان وڌيڪ نا اهلي ڪهڙي چئجي جو شڪارپور ۾ آءِ جي سنڌ جي موجودگيءَ ۾ هڪ ئي گهر جا چار ڀاتي قتل ٿيڻ جا افواح هليا پر شڪارپور پوليس ڪن لاٽار ڪري انهن لاشن جي ڳولها ڪرڻ بجاءِ ڳڙهي ياسين ۾ چڙهائي ڪري هڪ پيش امام سميت ٽن ماڻهن کي قتل ڪري نعرا هڻندي موٽي آئي ته هو امن کي فتح ڪري آيا آهن، جتي پوليس جي اهڙي ڪارڪردگي هجي هڪ گهر ۾ چار قتل ٿيل لاش پيا هجن ۽ پوليس فلمن وارا رول ادا ڪرڻ لاءِ پريشان هجي ته اتي امن جي موجودگيءَ جو سوال ڪيئن ٿو پيدا ٿي سگهي.

شڪاپور ۾ گذريل ڏينهن تاريخ جو بدترين واقعو سامهون آيو آهي هڪ پوليس اهلڪار پنهنجي ئي چئن گهر ڀاتين کي ڪهي ڪري لاش ٻوريءَ ۾ بند ڪيا آهن لاشن ۾ ٻه عورتون ۽ ٻه معصوم ٻارڙا آهن ٻڌايو وڃي ٿو ته قتل ۾ ملوث پوليس ۾اي ايس آءِ آهي، جنهن پنهنجي ڀاڄائي نياڻي ۽ ٻين ٻارڙن کي ڪهي ڪري لاش ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٻوريءَ م بند ڪيا هئا پر پوليس انهيءَ پوري صورتحال کان اڻ ڃاڻ هئي هڪ طرف شڪارپور ۾ اهو ماتم هو ٻئي طرف شڪارپور پوليس ڳڙهي پاسين ۾ قهري ڪاروائيءَ ۾ مصروف هئي جتي شڪارپور پوليس هڪ پيش امام سميت 3 ڄڻن کي گهر ۾ گهڙي ڪري ماري آئي آهي شڪارپور پوليس جي اهڙي ڪارڪردگيءَ مان سمجهي سگهجي ٿو ته جيڪا پوليس گهر ۾ ماڻهون ماري ٿي جنهن پوليس جا اهلڪار چار گهر ڀاتي ماري اچن ٿا ته اها پوليس عوام کي امن ڪهڙو ڏيندي، شڪارپور ۾ انهن ٻن واقعن کانپوءِ پوري شڪارپور ۾ خوف حراس آهي هڪ دفعو بيهر شڪارپور ۾ اهو ماحول سامهون اچي ويو آهي جنهن ماحول ۾ پوري شڪارپور هڪ ته بدامنيءَ جي باهه ۾ ٻري ٿي پئي ٻيو ته پوري شهر ۾ خوف حراس ڇانيل آهي شڪارپور ۾ ايس ايس پي مسعود بنگش نئون آيو آهي جنهن ايس ايس پي جي اصل سڃاڻپ هاف فرائي ۽ فل فرائي آهي.

ياد رهي ته اهو ئي ايس ايس پي مسعود بنگش آهي جنهن سنڌ ۾ سڀ کان پهريان هاف فرائي ۽ ڦل فرائي جو ڪاروبار سامهون آندو هن نه صرف ڏوهارين کي پر ڪيترن ئي غريبن کي ڦل فرائي ۽ هاف ڦرائي ڪري ڪنهن کي پوري زندگيءَ ۾ خاموش ڪري ڇڏيو ته ڪنهن کي پوري زندگيءَ لاءِ معزور ڪري ڇڏيو اڄ انهي مسعود بنگش جي شڪارپور پهچڻ سان بدامنيءَ جي باهه ٻري وئي آهي نه صرف بدامني پر خون ۽ خوف حراس عام ٿي ويو آهي شڪارپور ۾ وري اها ئي صورتحال سامهون اچي وئي آهي جيڪا بم ڌماڪن ۽ مهر جتوئي تڪرارن واري دور ۾ شڪارپور جو حصو رهي آهي، شڪارپور 30 سالن کان اهو عذاب ڀوڳيندي پئي اچي ٿي ڪڏهن پوليس جي نا اهليءَ جي ڪري ته ڪڏهن وڏيرن ڀوتارن ۽ سياستدانن جي سياسي ڳٺ جوڙ ۽ سياسي سازشن جا بار شڪارپور جو عوام کڻندو پيو اچي.ڪڏهن لاشن جي صورت ۾ ته ڪڏهن بدامني ۽ ڦر لٽ جي صورت ۾ ڪڏهن قبيلائي جهيڙا ڪرائي ماڻهون مارائي سياست ڪئي ٿي وڃي ته وري ڪڏهن پوليس مٿان هٿ رکي بدامنيءَ کي باه ڏئي شڪارپور جي عوام کي ساڙيون ۽ ماريو پيو وڃي .

شڪارپور ۾ 30 سالن کان پوليس وڏيرن ۽ سياستدانن جو ڳٺ جوڙ هلندو پيو اچي جنهن ۾ صرف عوام ئي عذاب ڪٽيندو پيو اچي ، شڪارپور ۾ هن وقت به ٽيهن کان مٿي قبيلائي جهيڙا هلي رهيا آهن جڏهن ته شڪارپور ۾ هلندڙ ٽيهن سالن کان انهن تڪرارن ۾ 3 هزار کان مٿي ماڻهون قتل ٿي چڪا آهن شڪارپور جي انهي قتل جي ڪاروبار ۾ شڪارپور جي عوام وڏو ڀوڳيو آهي انهن تڪرارن ۽ بدامنيءَ سبب شڪارپور جو ڪاروبار تباهه آهي تعليم ۽ صحت جو نالو نشان نه آهي يعني هر لحاظ ۽ هر پاسي کان انهن تڪرارن جو نقصان عوام برداشت ڪيو آهي.پوليس وارا ۽ وڏيرا ڀوتار بنگلن وارا جيڪي مرڻا به کائين ٿا ته پرڻا به هو ماڻهو مارائي ووٽ به وٺن ٿا ته بدامنيءَ کي هٿي ڏئي ان مان پنهنجا مقصد به پورا ڪن ٿا انهن وچ ۾ جيڪو شڪارپور جو عوام 30 سالن کان ڀوڳي ٿو انهيءَ جو تدارڪ نه ٿيو آهي نه ٿيندو اهڙي صورتحال ۾ انهي عوام جي ڏکن ۽ ڳوڙهن جو تدارڪ ڪيئن ٿيندو جتي پوليس تحفظ ڏيڻ بجاءِ ماڻهو ماري انهن شڪارپور واسين کي امن ڪيئن ۽ ڪڏهن ملندو جڏهن امن لاءِ رکيل پوليس پاڻ بدامنيءَ جو وڏو ڪارڻ هجي، ڀلا سنڌ پوليس جي انهي کان وڌيڪ نا ڪامي ۽ نا اهلي ڪهڙي چئجي جو شڪارپور ۾ آءِ جي سنڌ جي هوندي چئن گهر ڀاتين جي قتل جو انڪشاف ٿئي ۽ پوليس آءِ جي سنڌ جي هوندي انهي وڏي حادثي ۽ قتل جي وارڌات تي ڪن لاٽار جي حد ڪري سنڌ ۾ جڏهن آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه جي مقرري ٿي هئي ته انهي وقت عوام ۾ ڪجهه ٽائيم اها اميد هئي ته هن جي اچڻ سان سنڌ ۾ امن ٿيندو هن جي اچڻ سان بدامني ڏيندڙ پوليس امن ڏيندي پر هاڻي جڏهن اسان اي ڊي خواجه جي هوندي به پوليس جو اهڙو حال ڏسون ته آخر هن سنڌ کي ۽ سنڌ پوليس کي ٻيو ڪهڙو اي ڊي خواجه بچائيدو جيڪا سنڌ پوليس سوين اهڙا آفيسر پاڻ جهڙا ڪري وئي پر پاڻ تبديل نه ٿي سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ٽي آءِ حڪومت کي پنهنجي گهران لڳندي!؟

عبدالمجيد مغيري پي ٽي آءِ، عمران اسماعيل کي سنڌ جو گورنر نامزد ڪيو، هن صاحب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے