24 خميس , مئي 2018

غدارن جو ”نشيمن“

حامد مير

ڪيترائي سال اڳ سيد نور ” بازن جو نشيمن“ جي نالي سان هڪ فلم ٺاهي هُئي، ان فلم جو هيرو بابر علي هو ۽ هيروئن جو ڪردار ريما ادا ڪيو هو. ان فلم جو نالو ايترو ته خوبصورت هيو جو مون سمجهيو ته شايد سيد نور کي مستنصر حسين تارڙ جي ڪنهن ناول سان عشق ٿي پيو آهي، پر معلومات ڪرڻ بعد خبر پئي ان فلم جو مستنصر حسين تارڙ جي ڪنهن به ناول سان پري پري جو به تعلق ناهي ته پوءِ ان فلم ڏسڻ جو ارادو به مٽي ڇڏيم.

اڄ صبح جو اخبارن جو مطالعو ڪرڻ دوران مستنصر حسين تارڙ جي ڪالم تي جيئن ئي نظر پئي ته هو مٿي تي هيٽ سجايون خوبصورت مسڪراهٽ سان ”هزار داستان“ ٻڌائڻ لاءِ تيار ويٺو هو پر ان جي ڪالم جو عنوان انتهائي اعتراض لائق هو، مون ناچيز بندي فوري طور تي اهو ڪالم پڙهڻ شروع ڪيو پر ڪجهه سيڪنڊن بعد مون کي ڪالم جو عنوان گهوري رهيو هو جيڪو مون کي چئي رهيو هو ته ”نواز شريف هندن جو ڀڳوان“ ٿي ويو آهي. تارڙ صاحب اڪثر ڪري سياسي ڪالم نه لکندو آهي ۽ مان ڪجهه ادبي لطف حاصل ڪرڻ لاءِ سندس ڪالم پڙهندو آهيان، پر هن ڪالم ۾ تارڙ صاحب گوڏي تائين سياست جي گپ ۾ گتل آهي ۽ قلم کي تلوار وانگر اهڙي نموني گهمائي رهيو هو جو جيڪو به ان جي ور ۾ اچي ويو ته سمجهو ٽڪر ٿي ويو.

کيس نواز شريف جي انهيءَ بيان تي تمام گهڻو غصو هو جنهن متعلق وزير اعظم شاهد خاقان عباسي بار بار چوندو رهيو آهي ته نواز شريف جو اهڙو بيان غلط نموني رپورٽ ڪيو ويو آهي. نواز شريف چيو هو ته، ” اسان اجمل قصاب جهڙن ماڻهن کي سرحد پار وڃي ڏيڍ سو ماڻهن کي قتل ڪرڻ جي اجازت ڇو ٿا ڏيون“ جنهن جي موٽ ۾ هندستان جي دفاع واري وزير چيو ته نواز شريف اسان جي موقف جي مڪمل طور تي تائيد ڪئي آهي ۽ انهيءَ ڳالهه جي تصديق پڻ ڪري ڇڏي آهي ته ممبئي حملن ۾ پاڪستان ملوث هو. تارڙ صاحب جي ڪالم ۾ ڪٿي به وزير اعظم صاحب جي ترديد جو ذڪر نه هيو. هُن ليکو هو ”هندستانيو جشن ملهايو اڄ هڪ ٻئي جنرل ٽائيگر نيازيءَ توهان جي سامهون هٿيار ڦٽا ڪيا آهن، جنهن جو نالو آهي نواز شريف جيڪو اوهان لاءِ پوڄڻ جي لائق آهي، نواز شريف اوهان لاءِ هڪ نئون ڀڳوان آهي، اوهان ان جا مجسما ٺاهي ان جي قدمن تي سر ٽيڪيو ۽ سندس پوڄا ڪريو ۽ ان نئين ڀڳوان جي پوڄا ڪريو جنهن پنهنجي ئي ملڪ جي ڪروڙين ماڻهن کي ڪوڙو ۽ دهشت گرد ثابت ڪري ڇڏيو ۽ اوهان جي، جئه جئه ڪار ٿي وئي – نواز شريف جئه جئه ڪار“.

تارڙ صاحب جو ڪالم پڙهندي مان هر هر رڪجي رهيو هوس ۽ سوچي رهيو هوس ته تارڙ صاحب پنهنجي ڪالم جو نالو ”غدارن جو نشيمن“ رکي تمام سٺو ڪيو آهي ڇو جو اڄڪلهه پاڪستان ۾ غدارن جي تمام گهڻائي ٿي وئي آهي.

هُن الزام هنيو آهي ته نواز شريف جيترو شڪل ۾ سادو سودو لڳي رهيو آهي هو ايترو به سادو سودو ناهي هُن تمام سوچي سمجهي ملڪ کي بدنام ڪيو آهي ۽ آئين جي حوالي سان اهڙو عمل ملڪ سان غداري آهي. آخر ۾ لکن ٿا ته ”هاڻي نواز شريف کي روڪجو، ٿي سگهي ٿو ته نواز شريف پنهنجي سادگيءَ ۾ هندستان جي وزير اعظم موديءَ کي اهو نه چئي ويهي ته مودي ڀاءُ هي اٿئي نقشا جن ۾ سموري معلومات آهي ته پاڪستان جا ائٽم بم ڪٿي ڪٿي رکيل آهن، اوهان کي وڻي ته بيشڪ يلغار ڪريو پر اوهان مون کي وري وزيراعظم ضرور بڻائجو“

يقين ڪريو ته مون کي تارڙ صاحب جي ڪالم ۾ لکيل لفظ پڙهي تمام گهڻو افسوس ٿيو ۽ مون انهيءَ افسوس واري ڪيفيت ۾ اها اخبار پري ڪري ڇڏي ۽ مون وري ٻي اخبار کڻي ان جو مطالعو شروع ڪيو. مون جيئن ئي ان اخبار جو ايڊيٽوريل پيج کوليو ته مون کي عبدالقادر حسن صاحب جو ڪالم نظر آيو جنهن جو عنوان هو  ”ميان صاحب، هندستان هليا وڃو“ هي اُهو ئي عبدالقادر حسن آهي جيڪو ڪنهن وقت ۾ نواز شريف جو تمام گهڻو مداح ۽ پرستار هو پر اڄ ان لکيو هو ته، ”معذرت سان چئي رهيو آهيان ته ميان صاحب، پنهنجي تازي بيانن سان گڏ اوهان به پنهنجي پراڻي وطن هندستان هليا وڃو، ڇو جو عوام کي اوهان جو بيان قبول نه آهي“، عبدالقادر حسن به پنهنجي بيان ۾ ميان نواز شريف کي ”ملڪ دشمن“ جو خطاب ڏئي ڇڏيو. . نواز شريف جڏهن کان نااهل ٿيو آهي تڏهن کان سندس حق ۾ به لکيو ويو آهي ته ان جي مخالفت ۾ به لکيو ويو آهي پر ميان نواز شريف جي هاڻوڪي بيان بعد ٻن سينيئرن ڪالم نگارن مستنصر حسين تارڙ ۽ عبدالقادر حسن جي لهجي ۾ تلخي اچڻ گهٽ ۾ گهٽ ۾ منهنجي لاءِ متوقع نه هئي.

نواز شريف اهو چئي پنهنجي تلخي کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهي ته کيس غدار چيو نه پر چورايو پيو وڃي. مستنصر حسين تارڙ ۽ عبدالقادر حسن هاڻي عمر جي ان حصي ۾ آهن جو هو ڪنهن جي چوڻ تي نواز شريف کي غدار چئي نه تي پي ٽي وي جا چيئرمين ٿيندا ۽ نه ئي ڪنهن يورپي ملڪ ۾ سفير مقرر ٿيڻ پسند ڪندا. شايد ان تلخيءَ جو سبب اهو آهي ته وزير اعظم شاهد خاقان عباسي هر هر نواز شريف جي انٽرويو جي ترديد ڪئي آهي پر نواز شريف پنهنجي زبان سان انٽرويو جي ترديد نه ڪئي آهي. موجوده وقت ۾ جيڪڏهن نواز شريف اها تڪراري گفتگو نه ڪري ها ته وڌيڪ بهتر هُجي ها ڇو جو سندس هاڻوڪي بيان بعد اهو تاثر اڀريو آهي ته هو ملڪ دشمنن سان گڏجي پاڪستاني رياست خلاف مشڪلاتون پيدا ڪرڻ چاهي ٿو پر ان انٽرويو جي بنياد تي کيس غدار سڏڻ ۽ غداريءَ جو ڪيس هلائڻ جو مطالبو ڪرڻ انتها پسندي آهي.

تارڙ صاحب ۽ عبدالقادر حسن جو تعلق پنجاب سان آهي. عمران خان به پنجاب ۾ ڄائو ۽ نپنو آهي جڏهن ته نواز شريف تي غداريءَ جو الزام هڻندڙن مان اڪثريت جو تعلق پنجاب سان آهي جنهن مان اهو معلوم ٿي رهيو آهي ته پنجاب جي عام راءِ تبديل ٿي رهي آهي، پر ٻئي طرف نواز شريف جو دفاع ڪندڙن جي لهجي ۾ پڻ سختي ۽ شينهن جهڙي گرج آهي.

ڪو زمانو هو جڏهن پنجاب جا سياستدان ۽ دانشور ولي خان، غوث بخش بزنجو، عطا الله مينگل، خير بخش مري، اڪبر بگٽي، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو کي غدار قرار ڏيندا هئا. اها ڪيل ڪڌن عملن جي سزا آهي.. غدار غدار چوڻ واري عمل مان ڪجهه نه ورندو ۽ نقصان رڳو نواز شريف جو نه پر نقصان سڀني جو ٿيندو ڇو جو غداريءَ جي اهڙي بحث سان عوام ۾ مايوسي ڦهلجي رهي آهي. نواز شريف پنهنجين سياسي غلطين سان پاڻ ۽ مسلم ليگ ( ن ) کي جيترو نقصان پهچائڻو هو اهو پهچائي ڇڏيو. هاڻي هو انتهائي غصي ۾ آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته هو غصي ۾ ڪا اهڙي ڳالهه ڪري ويهي جيڪا ملڪ ۾ نئون طوفان برپا ڪري ڇڏي ۽ ان طوفان جو لهرون جمهوريت جي ڪمزور ٻيڙيءَ لاءِ تمام وڏو خطرو بڻجي سگهن ٿيون. نواز شريف، عمران خان ۽ آصف علي زرداري وڏي دل جو مظاهرو ڪن ۽ جمهوريت کي بچائڻ لاءِ جتن ڪن.

2018ع ۾ عام چونڊون ٿيون ته پاڪستان جو مستقبل روشن هوندو، فاٽا خيبر پختونخواهه جو حصو ٿيڻ بعد چونڊن ۾ ڪجهه هفتن جي دير جو انديشو آهي پر اهي چونڊون هر صورت ۾ 2018ع ۾ ئي ٿيڻ گهرجن. سمورين سياسي جماعتن کي چونڊن جون تياريون ڪرڻ گهرجن. سمورين پارٽين کي هڪ ٻئي خلاف غدارين جا ڪيس قائم ڪرڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي. غدارين جي الزامن اڄ تائين اسان جي تاريخ تبديل نه ڪئي آهي پر اهڙن الزامن اسان جي جاگرافيائي تبديل ڪري ڇڏي آهي. اهي ماڻهو جيڪي واقعي دهل وڄائي پاڪستان ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪندا هئا انهن تي ته ڪوئي ڪيس نه ٿيو.  پرويز مشرف خلاف غداريءَ جو ڪيس اڃان تائين التوا جو شڪار آهي ڇو جو نواز شريف جڏهن وزير اعظم هو تڏهن هُن مشرف کي پاڻ پاڪستان مان ڀڄائي ڇڏيو۽ اڄ نااهليءَ بعد خود نواز شريف غداريءَ جي الزامن هيٺ آهي.

نوا شريف تي غداريءَ جو ڪيس هلائڻو آهي ته پوءِ مشرف تي به هلائڻو پوندو. جيڪڏهن مشرف تي غداريءَ جو ڪيس نه ٿو هلي ته پوءِ نواز شريف تي به نه ٿو هلي سگهي. جيڪڏهن مشرف ۽ نواز شريف ٻنهي تي غداريءَ جو ڪيس هلايو ويو ته پوءِ مستنصر حسين تارڙ کي ”غدارن جو نشيمن“ تي رڳو ڪالم نه پر پورو ناول لکڻو پوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

انهن جي موٽڻ سان مرڪ موٽي ايندي..!

محمد خان دائود اُها احتجاجي ڪيمپ ختم ٿي وئي، جنهن ڪيمپ جي ڪري ڪراچي پريس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے