22 آچر , جولاءِ 2018

نواز شريف پاڻ کي بچائڻ لاءِ سڀني کي ٻوڙڻ چاهي ٿو: بلاول ڀٽو زرداري

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 3 ڀيرا وزيراعظم رهندڙ نواز شريف انتهائي غير ذميواراڻو بيان ڏنو. لاڙڪاڻي ۾ افطار پارٽي جي موقعي تي ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نواز شريف اسڪرپٽ ذريعي هلي رهيو آهي، هو مفادن کان بلند ٿي ملڪي سياستدان بڻجي ته بهتر آهي، فاٽا کي ضم ڪرڻ جو اعلان سياسي شوشو لڳي رهيو آهي. هن چيو ته ملڪ کي موجود چئلينجن جو ذميوار نواز شريف آهي، ميان صاحب! پاڻ کي تباهه ڪرڻو اٿَو ته ڪيو پر ملڪ کي ته نقصان نه پهچايو، هو پاڻ کي بچائڻ لاءِ سڀني کي ٻوڙڻ چاهي ٿو. ان موقعي تي پ پ چيئرمين اين اي 200 لاڙڪاڻي مان چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪيو. سندس چوڻ هو ته لاڙڪاڻي جو عوام منهنجو آواز آهي، چونڊ مهم توهان کي ئي هلائڻي آهي، مون کي يقين آهي ته جيئن شهيد بينظير ڀٽو کي توهان کٽرايو هو، مون کي به ائين کي کٽرائيدا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جا مخالف هر چونڊن ۾ گڏجي ويندا آهن، هن ڀيري به ائين ئي ٿي رهيو آهي پر پ پ عوامي طاقت سان چونڊون کٽيندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

چونڊن کان اڳ ڌانڌلي: سيوهڻ ۾ پوسٽل بيلٽ جي ذريعي ٺپا مافيا سرگرم، هڪ ڄڻو گرفتار

سيوهڻ(ويب ڊيسڪ) چونڊ 2018 کان اڳ وڏي ڌانڌلي جي خبر اچي وئي آهي، سيوهڻ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے