23 آچر , سيپٽمبر 2018

آصف ڪرماڻي سان ڪو به جهيڙو ناهي ٿيو، خبرون ڪوڙيون آهن: سعد رفيق

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي ويجهو عزيز ۽ احترام جوڳي شخصيت آهي، منهنجي ساڻس ڪا به منهن ماري ناهي ٿي، اسان سڀ نواز شريف جي موقف ”ووٽ کي عزت ڏيو“ جا علمبردار آهيون. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي سعد رفيق جو چوڻ هو ته ميڊيا تي ايندڙ خبرن ۾ ڪا سچائي ناهي، منهنجي آصف ڪرماڻي سان ڪا منهن ماري ناهي ٿي. هن چيو ته نواز شريف جي قيادت ۾ ن ليگ متحد آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے