22 آچر , جولاءِ 2018

ڪراچي ۾ 25 سالن کان گاڏيون ڦُريندڙ انتهائي گهربل ڏوهاري گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اينٽي ڪار لفٽنگ سيل 25 سالن کان گاڏيون ڦريندڙ ۽ چوري ڪندڙ انتهائي گهربل ڏوهاري کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس ايس پي اينٽي ڪار لفٽنگ سيل اسد رضا پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪار لفٽنگ ۾ انتهائي گهربل قطب الدين مندراڻي عرف حاني پاڪستاني کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدار پيءَ ۽ ڀاءَ سان گڏ ڪار لفٽنگ ۾ ملوث هو. سندس چوڻ هو ته جوابدار، سندس پيءُ ۽ ڀاءُ 25 ورهين کان ڪراچي ۾ وارداتون ڪري رهيا هئا، اهو گروهه ڪراچي ۾ 15 سئو گاڏيون ڦُرڻ ۽ چوري ڪرڻ ۾ ملوث آهي. اسد رضا موجب جوابدار چوري جون گاڏيون خريد ڪرڻ ۾ به ملوث آهي، هو گاڏيون ساڍن ٽن کان ساڍن ستن لکن ۾ خريد ڪندو هو ۽ هڪ کان ڏيڍ لک وڌيڪ ۾ کپائيندو هو، اهو گروهه سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ منظم ڪاروبار هلائي رهي هو. هن ٻڌايو ته ڦريل گاڏين کي خاص ماڻهو بلوچستان جي ضلعي جعفر آباد پهچائيندا هئا، اتي گاڏين جون انجڻون ۽ چيسز نمبر تبديل ڪيا ويندا ها. ايس ايس پي جو چوڻ هو ته جوابدار ڪوڙا ڪاغذ ۽ نمبر پليٽون ٺهرائي گاڏيون کپائيندا هئا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

چونڊن کان اڳ ڌانڌلي: سيوهڻ ۾ پوسٽل بيلٽ جي ذريعي ٺپا مافيا سرگرم، هڪ ڄڻو گرفتار

سيوهڻ(ويب ڊيسڪ) چونڊ 2018 کان اڳ وڏي ڌانڌلي جي خبر اچي وئي آهي، سيوهڻ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے