24 خميس , مئي 2018

رپورٽ: سن : ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن کي پگهارون نه مليون، پورهيت سراپا احتجاج

سنڌ ۾مختلف کاتن جا ملازمن پگهارون نه ملڻ سميت ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار ۽ سراپا احتجاج بڻيل آهن.

ناظمن واري دور 2007 ع ۾مانجهند تعلقي ميونسپل ڪاميٽي ۾ڀرتي ڪيل 94 ملازمن کي 2016 ۾برطرف ڪري سندن پگهارون بند ڪيون ويون آهن.

برطرفي ۽ پگهارون بند ٿيڻ خلاف ٽائون ملازم سراپا احتجاج بڻيل آهن پر ڪنهن به سندن داد رسي ناهي ڪئي.

عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي ملازمن جو چوڻ هو ته کين بنا جواز انتقامي ڪارروائي تحت برطرف ڪيو ويو آهي، عدالتي حڪمن  باوجود کين بحال ناهي ڪيو ويو….ايس او ٽي…

هواڏنهن عوامي آواز ٽي وي کي موقف ڏيندي سن جي ٽائون آفيسر حسن ملاح چيو ته ملازمن جو ڪيس عدالت ۾هلي رهيو آهي، وٽن ملازمن جون پگهارون ناهن آيون، هو ڪوشش ڪري ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪرائيندا…ايس او ٽي…

ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن جو چوڻ آهي ته عدالت سڳوري به سندن حق ۾فيصلو ڏنو پر ان باوجود به کين پگهارن کان محروم رکيو ويو آهي جنهن سبب هو مطالبن جي مڃتا لاءِ بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪري ويٺل آهن.

ملازمن وس وارن ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي کين پگهارون ڏياري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

ساگر سولنگي عوامي آواز ٽي وي سن

هي به ڏسي سگهو ٿا

Islamabad MSC hunger strike continues for the independence of people from Sindh

نيوز: سنڌ مان کنڀيل ماڻهن جي آزادي لاءِ اسلام آباد ۾ايم ايس سي جي بک هڙتال جاري

سنڌ مان کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاءِ ملڪ جي راڄڌاني اسلام آباد ۾ مهراڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے