22 آچر , جولاءِ 2018

سون جي في تولي اگهه ۾ 250 رپيا لاٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي ۽ مقامي مارڪيٽ ۾ سون جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 56 هزار 650 رپيا ٿي وئي آهي. مقامي مارڪيٽ ۾ سون جي في تولي قيمت تي 250 رپيا گهٽتائي ٿي آهي. آل سنڌ صرافا بازار جي صدر موجب سون وڌيڪ سستو ٿي ويو آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي في اونس قيمت ۾ 13 ڊالر گهٽتائي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ سون سستو ٿي 1287 ڊالر اونس ٿي ويو. عالمي مارڪيٽ ۾ اگهه ڪرڻ سبب مقامي صرافا مارڪيٽن ۾ به سون جي قيمت گهٽجي وئي آهي ۽ في تولو سون 250 رپيا سستو ٿي 56 هزار 650 رپيا ٿي ويو آهي. 10 گرام سون جي قيمت 214 رپيا گهٽ ٿي 48 هزار 557 ٿي وئي آهي. آل سنڌ صرافا بازار جي صدر جو چوڻ هو ته 3 ڏينهن ۾ هڪ تولو سون 1350 رپيا ۽ 10 گرام سون 1157 رپيا سستو ٿي چڪو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

چونڊن کان اڳ ڌانڌلي: سيوهڻ ۾ پوسٽل بيلٽ جي ذريعي ٺپا مافيا سرگرم، هڪ ڄڻو گرفتار

سيوهڻ(ويب ڊيسڪ) چونڊ 2018 کان اڳ وڏي ڌانڌلي جي خبر اچي وئي آهي، سيوهڻ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے