24 خميس , مئي 2018

نيوز | خيرپور: ڳوٺاڻن پاران گهر تي حملو ڪندڙ بااثرن خلاف احتجاج

 Khairpur The villagers protest against the attackers attacking the houseخيرپور ۾ عورتن ۽ مردن پاران گهرن ۾ گهڙي تشدد ڪندڙ بااثر جوابدارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو ڳوٺ غازي خان ڄامڙي جي رهواسين معشوق، ڀاڳ ڀري، سڪينه ۽ ٻين تشدد ڪري گهرن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪندڙ بااثر جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ڳوٺاڻن چيو ته ناجائز دوستي جي انڪار تي بااثر جوابدارن گهرن ۾ گهڙي عورتن  ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪيو ۽  ڀڃ ڊاهه ڪري رستو بند ڪري ڇڏيو آهي.

هنن الزام هنيو ته هو سيٺارجا ٿاڻي تي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ ويا پر سيٺارجا ٿاڻي جي ايس ايڇ او کين ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيو.

هنن چيو ته بااثر جوابدر منشيات فروش آهن، ٿن ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن، پر هنن خلاف پوليس ڪا به ڪارروائي نٿي ڪري.

ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ساڻن انصاف ڪن

هي به ڏسي سگهو ٿا

Islamabad MSC hunger strike continues for the independence of people from Sindh

نيوز: سنڌ مان کنڀيل ماڻهن جي آزادي لاءِ اسلام آباد ۾ايم ايس سي جي بک هڙتال جاري

سنڌ مان کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاءِ ملڪ جي راڄڌاني اسلام آباد ۾ مهراڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے