17 جمعو , آگسٽ 2018

نيوز | نواب شاهه: ڳوٺاڻن پاران پ پ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار خلاف احتجاج

Nawabshah Village protesters protest against former provincial advisorنوابشاهه ۾ ڳوٺاڻا پ پ جي اڳوڻي صلاحڪار جي ظلمن کان تنگ اچي پريس ڪلب پهتا.

پريس ڪانفرنس ڪندي اويس ڏاهري ۽ ٻين ڳوٺاڻن الزام هنيو ته وڏي وزير جي اڳوڻي صلاحڪار ڳوٺاڻن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي.

هنن چيو ته  پ پ جي اڳوڻي صلاحڪار ڳوٺ ۾ بجلي بند ڪرائي ٿنبا ٽوڙائي ڇڏيا آهن، ۽ پاڻي به بند ڪري ڇڏيو آهي.

سندن چوڻ هو ته اڳوڻي صلاحڪار سندن ڪار ڪاهي ويو، جنهن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، پر پوليس ڪابه ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

ڳوٺاڻن چيو ته اڳوڻي صلاحڪار مٿن موٽر سائيڪل ڦر جي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي، جيڪو سراسر ظلم آهي.

هنن پ پ قيادت کي اپيل ڪئي ته پ پ جي اڳوڻي صلاحڪار خلاف نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪن

هي به ڏسي سگهو ٿا

Shikarpur: Man kidnapped in a village by disguised kidnappers

صبح يارنهن وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-08-17

*ملڪ جو ايندڙ وزير اعظم ڪير، فيصلو اڄ ٿيندو، عمران خان ۽ شهباز شريف آمهون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے