22 منگل , مئی 2018

نواز شريف 30 سال اسٽيبلشمينٽ جي ڪلهن تي سياست ڪندو رهيو: آصف زرداري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته نواز شريف 30 سال اسٽيبلشمينٽ جي ڪلهن تي سياست ڪندو رهيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پ پ لاهور ڊويزن جي افطار پارٽي ۾ خطاب ڪندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته اسان جو مقصد ماڻهن کي سزائون ڏيارڻ نه پر غلطيون ياد ڏياري انهن کي معاف ڪرڻ آهي، مان توهان سڀني کي رمضان جي مبارڪ ڏيان ٿو، هي ڪو سياسي موقعو ناهي پر سياستدان سياسي ڳالهه نه ڪري ته ٻيو ڇا ڪري. آصف زرداري چيو ته گهڻا ماڻهو تڪليف ۾ آهن، اڳ ۾ ملڪ آهي، ڌرتي آهي، جتي قبر آهي، اها جاءِ اهميت رکي ٿي، بدقسمتي سان اهي ماڻهو طاقت جي نشي ۾ اڄ ڌرتيءَ جو ساٿ ڏيڻ لاءِ به تيار ناهن. هن چيو ته اڳ به ڀٽو صاحب جو ريفرنس سپريم ڪورٽ ۾ موڪليو، جيڪو پينڊنگ ۾ آهي، نواز شريف 30 سالن کان اسٽيبلشمينٽ جي ڪلهن تي سياست ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته اڳ ۾ توهان ٻڌايو ته اهو دڪان ڪيئن ٺاهيو؟ پاڪستان ۾ توهان جو بزرگ ڇا کڻي آيو هو ۽ هاڻ توهان ڇا آيو، اسان جو مقصد ماڻهن کي انهن جون غلطيون ياد ڏيارڻ آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Nonprofit loading: CEO continues to disperse Torture court to some electronics

غير منصفاڻي لوڊشيڊنگ: سي اي او ڪي اليڪٽرڪ کي توهين عدالت نوٽيس  جاري

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ توهين عدالت جي درخواست تي سي اي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے