22 آچر , جولاءِ 2018

مسلم ملڪ آمريڪا ۾ سفارتخانا بند ڪري سفيرن کي واپس گهرائن: سراج الحق

لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير  سراج الحق چيو آهي ته بيت المقدس کي اسرائيلي تخت گاهه تسليم ڪرڻ اسان جي ايمان لاءِ چئلينج آهي. فلسطينين تي اسرائيلي ظلم جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي سراج الحق چيو آهي ته لکين مسلمانن جي قربانين سان بيت المقدس آزاد ٿيو هو، اسان جو وزيراعظم استنبول ۾ 21 ڪورڙ عوام جي نمائندگي ڪندو، مسلم ملڪ آمريڪا ۾ سفارتخانا بند ڪن ۽ سفيرن کي واپس گهرائن. سندس چوڻ هو ته فلسطين جي صورتحال سڄي دنيا جي مسلمانن جو امتحان آهي، سعودي عرب ۽ ايران پاڻ ۾ جهيڙو ختم ڪري ڪافر جو مقابلو ڪن. سراج الحق چيو ته لاهور جي عوام احتجاج ڪري فلسطينين سان يڪجهتي جو پيغام ڏنو، پاڪستان کي فلسطينين ۽ ڪشميرين جي حق لاءِ گڏ ٿيڻو آهي. 27

هي به ڏسي سگهو ٿا

چونڊن کان اڳ ڌانڌلي: سيوهڻ ۾ پوسٽل بيلٽ جي ذريعي ٺپا مافيا سرگرم، هڪ ڄڻو گرفتار

سيوهڻ(ويب ڊيسڪ) چونڊ 2018 کان اڳ وڏي ڌانڌلي جي خبر اچي وئي آهي، سيوهڻ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے