22 منگل , مئی 2018

ماحولياتي گدلاڻ: لاهور هاءِ ڪورٽ جو اسموگ ڪميشن کي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ماحولياتي گدلاڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران جج اسموگ ڪميشن کي ايندڙ ٻڌڻي ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. لاهور جي هڪ شهري عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي چيو هو ته ماحولياتي گدلاڻ سبب شهر ۾ بيماريون پکڙجي رهيون آهن. درخواست گذار جو موقف هو ته لاهور دنيا جي سڀ کان وڌيڪ گدلاڻ وارن شهرن ۾ شامل ٿي چڪو آهي، اڳوڻي چيف جسٽس حڪومت کي گدلاڻ جو ذميوار قرار ڏيندي نومبر 2017ع ۾ ماحولياتي ڪميشن ٺاهڻ جو حڪم ڏنو هو پر ماحولياتي ڪميشن ڪنهن به قسم جا انتظام نه ڪيا. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته اڳوڻي چيف جسٽس جي حڪم تي مانيٽرنگ اسٽيشن ٺاهي وئي آهي ۽ گدلاڻ بابت سينٽرل ليبارٽري کي به فعال ڪيو ويو آهي. عدالت درخواست تي وڌيڪ ڪارروائي 9 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

PTI has no role but it is a "pashka" party: Nawaz Sharif

نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي، نواز شريف قطري خطن کي قبول ڪري ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي دوران نواز شريف قطري خطن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے