24 خميس , مئي 2018

نيوز | گهوٽڪي : آبپاشي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

گهوٽڪي ۾ آبپاشي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڊائريڪٽر سيڊا آفيس آڏو عبدالمالڪ، ارباب جتوئي ۽ نويد ملڪ سميت ٻين ملازمن جائز مطالبا نه مڃڻ خلاف احتجاج ڪيو.

ملازمن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ٽائيم اسڪيل منظور ڪيو آهي، پر ڊائريڪٽر سيڊ ۽ انجنيئر آفيس نٿا اچن، هو آفيسن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهن، پر سندن مسئلا حل  ناهن ٿيا.

هنن الزام هنيو ته سروس بڪ جي صحي لاءِ في ملازم کان 5 هزار رپيا رشوت ورتي پئي وڃي، ۽ آفيسر ڪرپٽ آهن، سرڪل جي ٽيوب ويل کاتي ۾به ڪرڙوين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي.

ملازمن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڊائريڪٽر سيڊا خلاف ڪارروائي ڪري سندن مسئلا حل ڪري

هي به ڏسي سگهو ٿا

Islamabad MSC hunger strike continues for the independence of people from Sindh

نيوز: سنڌ مان کنڀيل ماڻهن جي آزادي لاءِ اسلام آباد ۾ايم ايس سي جي بک هڙتال جاري

سنڌ مان کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاءِ ملڪ جي راڄڌاني اسلام آباد ۾ مهراڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے