24 خميس , مئي 2018

نيوز | ڪنب : ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي نينگر اسپتال ۾فوت

ڪنب ڀرسان ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي نينگر اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.

ڳوٺ عارب سولنگي لڳ پراڻي قومي شاهراهه تي تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ سخت زخمي نينگر راحب علي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

هوڏانهن تي رابطو ڪرڻ تي ڪنب ٿاڻي جي وڏي منشي ٻڌايو ته ڪار ڪوٽڏجي سول اسپتال جي ڊاڪٽر عبدالرحمان شيخ جي آهي، ڊاڪٽر ڪار ۾ زخمي کي کڻي خيرپور سول اسپتال داخل ڪرايو جتي زخمي فوت ٿي ويو.

پوليس موجب فوتي نينگر راحب علي اڄڻ جي وارثن ساڻن رابطو ڪري اطلاع ڏنو آهي، جئين ئي ٿاڻي تي ايندا ته حادثي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.

ٻي پاسي زخمي نينگر جو لاش پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو

هي به ڏسي سگهو ٿا

Islamabad MSC hunger strike continues for the independence of people from Sindh

نيوز: سنڌ مان کنڀيل ماڻهن جي آزادي لاءِ اسلام آباد ۾ايم ايس سي جي بک هڙتال جاري

سنڌ مان کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاءِ ملڪ جي راڄڌاني اسلام آباد ۾ مهراڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے