24 خميس , مئي 2018

نيوز | شڪارپور: بيمار شاگرد اسلام آباد جي اسپتال داخل، 80 لک رپيا چندو گڏ

Shikarpur: The illiterate students came to Islamabad hospital and got Rs. 80 lacsشڪارپور واسي بيمار شاگرد اسلام آباد جي اسپتال ۾داخل آهي، نوجوان جي علاج لاءِ شاگردن 80 لک رپيا چندو ڪري ورتو آهي.

جيري جي خطرناڪ بيماري سان جهيڙيندڙ فهد منگي جي علاج تي هڪ ڪرڙو رپيا خرچ ايندو، رقم گڏ ڪرڻ لاءِ مختلف شهرن ۾ نوجوان چندو گڏ ڪري رهيا آهن.

هوڏانهن ناليواري فنڪاره صنم ماروي شڪارپور پهچي نوجوان شاگرد جي علاج لاءِ چيئريٽي شو ڪيو، جنهن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن چندي طور رقم ڏني، ۽ صنم ماروي مليل 10 لک رپيا شاگرد جي علاج لاءِ جمع ڪرايا.

سي ايس ايس جي تياري ڪندڙ نوجوان شاگرد فهد منگي جو علاج اسلام آباد ۾ هلندڙ آهي، سندس جيرو تبديل ڪرڻ لاءِ اڄ ڊاڪٽرن جو هڪ خاص بورڊ ويهندو.

شاگرد فهد منگي جي حياتي بچائڻ لاءِ سندس ماسات وقاص پنهيار پنهنجو جيرو ڊونيٽ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي

هي به ڏسي سگهو ٿا

Hyderabad: Soho Qazi Ahmed, siege violence against students of violence in violence

نيوز: حيدرآباد: ايس ايڇ او قاضي احمد جي تشدد ۾مارجي ويل شاگردن سان انصاف لاءِاحتجاج

* ايس ايڇ او قاضي احمد جي تشدد ۾مارجي ويل شاگردن سان انصاف لاءِ حيدرآباد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے