22 منگل , مئی 2018

تحريڪ انصاف عهدي جي ابتڙ ڪم ڪرڻ تي وزيراعظم کان وضاحت گهري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف وزيراعظم کي خط لکي عهدي جي ابتڙ ڪم ڪرڻ تي کانئس وضاحت گهري آهي. پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻ عندليب عباس هڪ خط ذريعي وزيراعظم کي چيو آهي ته آئين ۽ حلف وزيراعظم کي رياست سان وفاداري جو پابند بڻائن ٿا. خط ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم رياست سان وفاداري ۽ رياستي مفادن جو ذميوار آهي، جڏهن ته هو سرعام نواز شريف سان پنهنجي وفاداري جو اعلان ڪري رهيو آهي. تحريڪ انصاف اڳواڻ پنهنجي خط ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته وزيراعظم قومي سلامتي ڪميٽي جي پڌرائيءَ کان مڪمل انڪار ڪيو ۽ نواز شريف جي رياست مخالف آواز ۾ آواز ملايو. عندليب عباس مطالبو ڪيو آهي ته آئين جي ڀڃڪڙي تي شاهد خاقان عباسي پاڻ کي عهدي کان الڳ ڪري ڇڏي، جيڪڏهن هو عهدو نٿو ڇڏي ته تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ کي درخواست ڪندي. خط ۾ تحريڪ انصاف اڳواڻ موقف اختيار ڪيو آهي ته عهدي جي ابتڙ ڪم ڪرڻ تي وزيراعظم آئين ۽ سڌ سماءَ تائين پهچ جي قانون تحت وضاحت ڏئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

PTI has no role but it is a "pashka" party: Nawaz Sharif

نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي، نواز شريف قطري خطن کي قبول ڪري ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي دوران نواز شريف قطري خطن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے