17 جمعو , آگسٽ 2018

نيازي صاحب جي ڪري اورينج لائن منصوبو 22 مهينا دير جو شڪار ٿيو: شهباز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته اورينج لائن ٽرين جي آزمائشي سروس سٺو سنئوڻ آهي، نيازي صاحب جي حربن سبب منصوبو 22 مهينا دير جو شڪار ٿيو. پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو آهي ته عالمي معيار جي ماس ٽرانزٽ سسٽم کي عملي جامو پهرايو، اها ريل 27 ڪلو ميٽرن جو فاصلو رڳو 45 منٽن ۾ طئي ڪندي، اورينج لائن ٽرين جي ڪامياب آزمائش سروس سٺو سنئوڻ آهي. هن چيو جيڪڏهن عمران خان رنڊڪون نه وجهي ها ته اهو منصوبو گهڻو وقت اڳ ۾ مڪمل ٿي وڃي ها، نيازي صاحب جي حربن سبب اورينج لائن منصوبو 22 مهينا دير جو شڪار ٿيو. سندس چوڻ هو ته نيازي ۽ زرداري صاحب کي اهڙا منصوبا شروع ڪرڻ جي توفيق نه ٿي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

انور مجيد ۽ سندس پٽ عبدالغني ستن ڏينهن جي رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) مني لانڊرنگ اسڪينڊل ۾ بئنڪنگ ڪورٽ جاچ بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے