24 خميس , مئي 2018

ن ليگ ميمبرن کي به نواز شريف جي بيانن تي خدشا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ميمبرن به نواز شريف جي بيانن تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا آهن، سندن چوڻ آهي ته نواز شريف جي بيانن سان ادارن ۾ تڪرار وڌي رهيو آهي، شهباز شريف پنهنجي وڏي ڀاءَ کي خدشن بابت آگاهي ڏئي. شهباز شريف جي صدارت هيٺ پارليامينٽ هائوس ۾ ن ليگ جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم سميت 100 کان وڌيڪ ميمبرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته چوڌري نثار به اجلاس ۾ موجود هو. اجلاس ۾ نواز شريف جي تازن بيانن ۽ نيب چيئرمين طرفان نواز شريف جي رقم ڀارت منتقل ڪرڻ بابت جاري ڪيل پريس رليز جو معاملو به غور هيٺ آيو. اجلاس ۾ ميمبرن نواز شريف جي بيانن تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته ان سان ادارن ۾ تڪرار وڌي رهيو آهي، ڀارتي اختياريون ڪلڀوشن جو الزام پنهنجي ادارن تي ناهن ڏينديون، اسان پنهنجي ادارن تي ڇو الزام لڳائي رهيا آهيون. هنن شهباز شريف کان مطالبو ڪيو ته اسان جا خدشا نواز شريف تائين پهچايا وڃن. اجلاس دوران ميمبرن شهباز شريف کي پارٽي معاملا پاڻ سنڀالڻ جي به صلاح ڏني، ان دوران سوال ڪيو ويو ته چوڌري نثار پارٽي جو حصو آهي يا نه؟ جنهن تي شهباز شريف چيو ته چوڌري نثار پارٽي اڳواڻ آهي، هو پارٽي ۾ آهي ۽ رهندو. شهباز شريف ميمبرن کي خاطري ڪرائي ته نواز شريف جي بيانن ۾ وقت سان گڏ نرمي ايندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

مخالفن مون کي ڪڍي پاڪستان جي ترقي جو ڦيٿو بيهاري ڇڏيو: نواز شريف

اٽڪ(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته مخالفن مون کي ڪڍي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے