24 خميس , مئي 2018

ن ليگ نواز ۽ شهباز ڌڙن ۾ ورهائجي چڪي آهي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته نواز شريف ۽ شهباز شريف ن ليگ ۾ الڳ الڳ ڌڙن جي نمائندگي ڪري رهيا آهن. صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ن ليگ نظرياتي ڌڙن ۾ ورهائجي وئي آهي، شهباز شريف ۽ چوڌري نثار جو الڳ ڌڙو آهي، ان صورتحال ۾ ن ليگ ڪارڪن ڏکيائين جو شڪار ٿي ويا آهن ته اهي ڪنهن جو ساٿ ڏين، وقت اچي ويو آهي ته ن ليگي ڪارڪن قومي يا نواز شريف جي موقف مان هڪ جي چونڊ ڪن. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن پارٽي جي واضح اڪثريت نواز شريف جو ساٿ ڏنو ته ن ليگ کي خراب طريقي سان شڪست ملندي، نواز شريف ٽڪراءَ واري ڪيفيت پيدا ڪئي، هاڻ چونڊن کان اڳ ئي ن ليگ وکري رهي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ن ليگ جي پوزيشن مضبوط هجي ها ته ماڻهو پارٽي نه ڇڏين، هوڏانهن شاهد خاقان عباسي جي به حڪومت تي پڪڙ ڪمزور ٿي رهي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

مخالفن مون کي ڪڍي پاڪستان جي ترقي جو ڦيٿو بيهاري ڇڏيو: نواز شريف

اٽڪ(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته مخالفن مون کي ڪڍي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے