19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز | سن: ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جي  پگهارو ن نه ملڻ خلاف بک هڙتال شروع

سن ٽائون ڪميٽي جي ملازمن پگهارو ن نه ملڻ خلاف ميونسپل آفيس جي مک دروازي اڳيان بک هڙتال شروع ڪري ڇڏي .

2007 ۾ تعلقي ناظم سيد علي رضا حيدر شاھ مختلف شهرن ۽ ڳوٺن جي 94 بيروزگار  نوجوانن کي تعلقا ميونسپل ڪميٽي مانجھند ۾ نوڪريون ڏنيون.

 پ پ جي  حڪومت ۾ ان وقت جي ٽي ايم او اورنگزيب سمي انتقامي ڪاروائي ڪندي انهن ملازمن کي برطرف ڪري ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينج حيدرآباد ملازمن جي حق ۾ فيصلو ڏنو پر ڪورٽ جي فيصلي اچڻ کان پوءِ به ٽائون ڪميٽي مانجھند جي ٽي ايم او  انهن ملازمن کي نه ملازم تسليم نه ڪيو ۽ نه ئي پگهار جاري ڪئي

بلدياتي اليڪشن ٿي ان کان پوءِ ٽائون ڪميٽي مانجهند ۽ ٽائون ڪميٽي سن ۾  ملازمن جي ورهاست ٿي جنهن ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان بحال ڪيل 94 ملازمن مان 80 ملازمن کي سن ٽائون ڪميٽي ۾ بدلي ڪيو ويو پر ملازمن کي پگهارون نه مليون .

  ملازمن هڪ ڀيرو ٻيهر  پنهنجي حق لاءِ شاميانو لڳائي ٽائون ڪميٽي سن جي مک دروازي اڳيان بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے