17 جمعو , آگسٽ 2018

دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي اڃا باقي آهي: احسن اقبال

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته عوام کي پنهنجي سڪيورٽي ادارن تي فخر آهي، عوام جي حفاظت لاءِ اسان جي جوانن پنهنجون جانيون قربان ڪيون آهن، پنهنجي سمورن شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا. پوليس لائن هيڊ ڪواٽرز ۾ دهشتگرديءَ جي خاتمي جي ڪانسٽيبلري جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته 6 مئي تي هڪ بزدل مون تي فائرنگ ڪئي، دهشتگردي خلاف آخري جنگ اڃا کٽڻ باقي آهي، دهشتگردن اسان جي مستقبل کي نشانو بڻايو آهي. هن چيو ته 2013ع جي مقابلي ۾ اڄوڪو پاڪستان مختلف آهي.  سندس چوڻ هو ته اڄ قومن جو دفاع توپن نه پر معيشت سان هوندو آهي. احسن اقبال چيو ته وطن جي دفاع لاءِ شهيد ٿيندڙ خوشقسمت آهن، اسان کي پنهنجي سڪيورٽي ادارن تي فخر آهي، عوام جي حفاظت لاءِ اسان جي جوانن جانيون قربانيون پيش ڪيون آهن، پنهنجي شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

انور مجيد ۽ سندس پٽ عبدالغني ستن ڏينهن جي رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) مني لانڊرنگ اسڪينڊل ۾ بئنڪنگ ڪورٽ جاچ بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے