20 خميس , سيپٽمبر 2018

حڪومت لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. هڪ بيان ۾ خورشيد شاهه چيو ته انڊسٽريل ايريا ۾ 10 کان 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن جو مطلب آهي ته اسان وٽ بجلي ئي ناهي. هن چيو ته حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، پي آءِ اي ۾ 94 ارب رپين جو نقصان ٿيو، اسان اربين ڊالر خرچ ڪري ساهيوال پاور پلانٽ هلايو جيڪو 50 سيڪڙو پيداوار ڏئي رهيو آهي. خورشيد شاهه چيو ته  حڪومت صنعتن ۾ لوڊشيڊنگ جو اعلان ڪري ثابت ڪيو ته بجلي ئي ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان دهشتگردن جي ٿاڪن جي خاتمي لاءِ آپريشن ڪيا: آمريڪا جو اعتراف

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي کاتي اعتراف ڪيو آهي ته  پاڪستان دهشتگردن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے