17 جمعو , آگسٽ 2018

سول اسپتال ڪراچي ۾ رت جي ڪينسر بابت سڃاڻپ واري مشين لڳائي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سول اسپتال ڪراچي ۾ پهريون ڀيرو رت جي ڪينسر جي سڃاڻپ واري مشين لڳائي وئي آهي. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي صحت واري سيڪريٽري ڊاڪٽر فضل الله پيچوهو چيو ته صوبي ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن سرڪاري اسپتال ۾ اها مشين لڳائي وئي آهي جنهن وسيلي رت جي ڏهن قسمن جي ڪينسر جي سڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي. هن ٻڌايو ته ان مشين وسيلي مفت ٽيسٽ ڪئي ويدني، صوبي جي ڪنهن اسپتال ۾ اها سهولت موجود ناهي. ميڊيڪل سپرٽينڊنٽ ڊاڪٽر محمد توفيق ان موقعي تي ٻڌايو ته صوبي جي سڀ کان وڏي اسپتال ۾ رت جي مريضن جي سهولت لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته مشين لڳڻ سان اسپتال ۾ رت جي ڪينسر جي سڃاڻپ ٿي سگهندي.هن جو چوڻ هو ته نجي سطح تي عام مريضن لاءِ رت جي ڪينسر جي سڃاڻپ مهانگي ۽ مشڪل مرحلو هوندي آهي.ان موقعي تي ان سان گڏ ايڊيشنل سيڪريٽري ريحان بلوچ، ايم ايس ڊاڪٽر محمد توفيق سميت ٻيا به موجود هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The hottest sleeping habit causes death before time: research

تمام گهڻي ننڊ ڪرڻ واري عادت وقت کان اڳ موت جو سبب بڻجي ٿي: تحقيق

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) جيڪي ماڻهو روزاني 9 کان 10 ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ جا عادي هوندا آهن، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے