24 خميس , مئي 2018

نواز شريف غلطيون ڪري رهيو آهي، ان سان صورتحال تبديل ٿيندي: قمر زمان ڪائرا

 لاهور(ويب ڊيس) پ پ سينيٽرل پنجاب جي صدر قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته نواز شريف غلطيون ڪري رهيو آهي ان سان صورتحال تبديل ٿيندي، ميمبرشپ مهم جي ڪاميابي ظاهر ڪري ٿي ته عوام پ پ سان گڏ آهي. پ پ اليڪشن ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهي وٺندي، آصف علي زرداري پهرين رمضان تي لاهور ۾ افطار پارٽي کي خطاب ڪندو، ڪجهه ضلعن ۾ بلاول ڀٽو افطار پارٽين کي خطاب ڪندو.اهڙن خيالن جو اظهار هن سينٽرل پنجاب سيڪريٽريٽ پنجاب ايگزيڪيوٽو ۽ ضلعي صدرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اجلاس ۾ لاهور جو صدر حاجي عزيز رحمان چن، جنرل سيڪريٽري منظور احمد سينيئر نائب صدر چوڌري اسلم گل، عاصم محمود ڀٽي، ملڪ عثمان، رانا عرفان احمد خان، ثمينا خالد گهرڪي، سيد حسن مرتضيٰ، نيلم جبار، شاهه جهان ڀٽي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.قمر زمان ڪائرا چيو ته عهديدار رمضان ۾ افطار پارٽين جو بندوبست ڪن، لاهور ۾ آصف علي زرداري پهرين رمضان تي افطار پارٽِي کي خطاب ڪندو. هن چيو ته پارٽي ڇڏي ويندڙ عزت وٺي نه سگهندا، سينٽرل پنجاب ۾ سخت محنت جي ضرورت آهي، لاهور ۾ 6 مئي تي چيئرمين جو شاندار استقبال ڪيو ويو، ميمبرشپ مهم جي ڪاميابي ظاهر ڪري ٿي ته عوام پ پ سان گڏ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مخالفن مون کي ڪڍي پاڪستان جي ترقي جو ڦيٿو بيهاري ڇڏيو: نواز شريف

اٽڪ(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته مخالفن مون کي ڪڍي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے