24 خميس , مئي 2018

مراد علي شاهه سي ايم هائوس خالي ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سي ايم هائوس خالي ڪري ڇڏيو آهي. ملڪ ۾ هاڻوڪي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پنهنجو 5 سالن وارو مدو پورو ڪري رهيون آهن، جنهن تحت قومي اسيمبلي 31 مئي تي ختم ٿي ويندي، جڏهن ته سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان اسيمبلي 28 مئي ۽ پنجاب اسيمبلي 31 مئي تي ختم ٿي ويندي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسيمبلي جو مدو پورو ٿيڻ کان اڳ ئي ڪراچي ۾ چيف منسٽر هائوس خالي ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد ان جو ڪٽنب پنهنجي رهائشگاهه ڏانهن منتقل ٿي ويو آهي. وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه سرڪاري ڪمن جي سلسلي ۾ سي ايم هائوس جي آفيس اچي رهيو آهي، جڏهن ته سندس پروٽوڪول ۾ به گهٽتائي آندي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مخالفن مون کي ڪڍي پاڪستان جي ترقي جو ڦيٿو بيهاري ڇڏيو: نواز شريف

اٽڪ(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته مخالفن مون کي ڪڍي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے