17 جمعو , آگسٽ 2018

پاڻ کي اڳ کان وڌيڪ باوقار ۽ باهمت محسوس پئي ڪريان: ماهره خان

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) خوبصورت اداڪاره  ماهره خان فرانس ۾ ٿيل ڪانز فيسٽيول ۾ پاڪستان جي نمائندگي کانپوءِ  وطن واپس رواني ٿي وئي آهي. ماهره خان انسٽا گرام تي ڪانز فيسٽيول دوران چوپر پارٽي جي هڪ يادگار تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ڪانز منهنجي دل جو ٽڪڙو آهي ۽ پنهنجي شاندار آجيان تي سڀني جي ٿورائتي آهيان. هن چيو ته منهنجي خواهش آهي ته مان ڪانز جي سمورن لمحن تي لکان، اهو محبت جي اظهار سان ڀرپور هڪ ڊگهو خط هوندو پر وري ڪڏهن. هن چيو ته ڪجهه شيون آهن جيڪي سڀني کي ٻڌائڻ چاهيان ٿي، اهو هي ته جيئن ئي مان ڪانز مان واپسي لاءِ ايئرپورٽ وڃڻ لاءِ گاڏيءَ ۾ ويٺس ته مون کي محسوس ٿيو ته پاڻ کي اڳ کان وڌيڪ باهمت ۽ بااختيار محسوس ڪري رهي آهيان، تنهن ڪري اهڙين عورتن کي ملڻو آهي جيڪي هڪ ٻئي کي حوصلو ڏينديون آهن ۽ هڪ ٻئي جي حمايت ڪنديون آهن ۽ رحم دلي سان پيش اينديون آهي جيڪو سندن ڪاميابي جو راز آهي. هن چيو ته هاڻ پرسڪون آهيان ڇو ته ريڊ ڪارپٽ تي 100 کان وڌيڪ فوٽو گرافرن کي پهريون ڀيرو منهن ڏنو  جنهن لاءِ هر ڇوڪري ڪيترائي خواب ڏسندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The head of the head and the crown Prince Shujaa, Nasrat Fateh Ali Khan, was defeated by fans since 21 years.

سُر ۽ سنگيت جي بي تاج بادشاهه استاد نصرت فتح علي خان کي مداحن کان وڇڙئي 21 ورهيه وهامي ويا

ڪراچي(شوبز نيوز) شهنشاهه قوال ۽ موسيقي جي دنيا جي بي تاج بادشاهه استاد نصرت فتح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے